English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٻارڙن جي پيدائش ۾ وقفو ڪرڻ سان آبادي تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو: فراز احمد عباسي
views
|
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فراز احمد عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ٽو فراز احمد عباسي چيو آھي تہ ٻارڙن جي پيدائش ۾ وقفو ڪرڻ سان اسان نه صرف آبادي تي ڪنٽرول ڪري سگھنداسين، پر ان سان گڏوگڏ اسان ھڪ ترقي يافتہ، صحتمند ۽ خوشحال معاشري جو سنگ بنياد وجھي سگھون ٿا، ھن اھي ڳالھيون پاپوليشن کاتي ۽ صحت کاتي ٺٽي پاران دربار ھال مڪلي ۾ ماء ۽ ٻار جي صحت بابت سڏايل ھڪ اھم اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيون. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ٽو فراز احمد عباسي ضلعي ٺٽي مان موتمار بيماري ايڊز جي مڪمل خاتمي لاء شريڪ مختلف سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن جي سربراهن کي مشورو ڏيندي وڌيڪ چيو ته ايڊز بيماري جي خاتمي لاء تشخيص سينٽر ۽ ڪيمپون قائم ڪيون وڃن، جيئن ڪيس ظاھر ٿيڻ جي صورت ۾ انھن جو بھتر ۽ جديد علاج شروع ڪرائي سگھجي. پاپوليشن کاتي ضلعي ٺٽي پاران سڏايل اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر ٺٽو قاضي نديم سرور، ڊاڪٽر ريحانہ، سول سرجن ٺٽو ڊاڪٽر يامين شاھ، مرف جو نمائندو ڊاڪٽر دائود ھيلايو، اين آر سي پي پاران ڊاڪٽر آڪاش عباسي، ڊاڪٽر شاھدہ ميمڻ، ھينڊز جي ثمينه، ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيس جي ياسر پليجو، ورلڊ فوڊ پروگرام جي تحسين احمد ۽ ٻيا پڻ شريڪ ھئا، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر ٺٽو قاضي نديم سرور چيو تہ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت بڻجي ويئي اھي، ان ڪري جيترو ڪٽنب گھٽ ھوندو، اوترو ئي ھن مھنگائي واري دور ۾ ماڻھون خوشحال زندگي گذاري سگھندو، ھن چيو تہ اسانجي پاپوليشن کاتي جو بہ اھوئي پيغام آھي تہ گھٽ ٻار ھجڻ سان ڪٽنب خوشحال زندگي گذاري سگھي ٿو، ان ڪري ھر ماڻھون ان تي عمل ڪري پنھنجي بھتر زندگي گذارڻ لاء آبادي تي ڪنٽرول ڪري.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Oct 2025
•
سندھ
سافکو نے گراسپ پروجیکٹ کے تحت مالی امداد کے چوتھے مرحلے کا آغاز
22nd Oct 2025
•
پاکستان
خیبرپختونخوا پولیس کی بلٹ پروف گاڑیوں کا اصل راز بے نقاب!
22nd Oct 2025
•
پاکستان
بلدیاتی انتخابات کے انعقاد پر پیش رفت، سیکریٹری الیکشن کمیشن نے چیف سیکریٹری پنجاب کو خط لکھ دیا۔
22nd Oct 2025
•
تازہ ترین
ٹھٹھہ: شہید ناظم جوکيو کی بیوہ شیرین جوکيو کی دوسری شادی کا انکشاف، معاملہ عدالت پہنچ گیا۔
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ بدنام ۽ انعام يافته ڌاڙيلن سميت 71 ڏوهارين صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
کهڙا ۾ پراڻي دشمني تان حاضري تان موٽندڙ شخص گوليون هڻي قتل
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پير صدرالدين شاه راشدي جي سالگرھ ملهائي وئي
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: نبي سر ٿر ۾ هٿياربندن هٿان ٻه سڳا ڀائر بيدردي سان قتل، لاش ڪهاڙي سان ڪٽيا ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
فراز احمد عباسي
ٺٽو
0 تبصرے