احتجاج ۾ آپڪا اڳواڻن ۽ سينئر وڪيلن جي شرڪت، رجسٽرار طرفان 15 ڏينهن ۾ مطالبا مڃڻ جي خاطري
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جي ملازمن جو احتجاج ڏهين ڏينهن به جاري، آپڪا اڳواڻن ۽ سينئر وڪيلن جي شرڪت رجسٽرار طرفان 15 ڏينهن ۾ مطالبا مڃڻ جي خاطري، شڪارپور شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جي ملازمن پاران پنهنجن جائز حقن لاءِ احتجاجي تحريڪ ڏهين ڏينهن به جاري رکي وئي، جتي سينيئر وڪيل ۽ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن (آپڪا) سنڌ جي اعليٰ اڳواڻن احتجاجي ڪيمپ جو دورو ڪيو احتجاجي ڪيمپ ۾ آپڪا سنڌ جي صوبائي صدر محترم مقبول حسين مهر، ايڊوڪيٽ حاجي احسان الله ميمڻ، صوبائي نائب صدر ۽ ضلعي صدر عبدالوهاب ڪاغذي، نائب صدر آغا شعيب خان پٺاڻ ضلعي جنرل سيڪريٽري مجاهد حسين لانگاهه، محمد سچل ڀيو ذاڪر حسين شيخ ايڊوڪيٽ ظفر علي چنو ايڊوڪيٽ نثار صديقي ايڊوڪيٽ ياسر نظير سومرو سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا ۽ ملازمن سان همدردي جو اظهار ڪندي کين مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي احتجاج دوران پنج رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ صوبائي صدر مقبول حسين مهر، حاجي ايڊوڪيٽ احسان الله ميمڻ، عبدالوهاب ڪاغذي، ايڊوڪيٽ ظفر علي چنو، آغا بابر پٺاڻ ۽ ايڊوڪيٽ شعيب احمد دائود پوٽو شامل هئا. هيءَ ڪميٽي يونيورسٽي جي رجسٽرار بختيار احمد ڪنڀر سان ملاقات لاءِ رواني ٿي، جتي ملازمن جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. رجسٽرار بختيار احمد ڪنڀر، احتجاج ڪندڙ ملازمن جي ڪيمپ تي پهچي، 15 ڏينهن اندر سندن جائز مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي. ان بعد ملازمن احتجاجي ڪيمپ دعا سان ختم ڪري ڇڏي ان موقعي تي شيخ اياز يونيورسٽيءَ ايسوسيئيشن جي صدر سيد گدا حسين شاه، جنرل سيڪريٽري شمن علي شيخ، ترجمان سيد فهيم شاه، چيئرمين جاويد احمد شيخ، وائيس چيئرمين سيد نادر علي شاه ۽ فنانس سيڪريٽري عمير احمد شيخ چيو ته يونيورسٽي جي وقتي انتظاميه ملازمن کي غيرقانوني طور تي ڌمڪائي رهي آهي، جيڪو انساني حقن جي لتاڙ آهي يونيورسٽي جي انتظاميه، رجسٽرار بختيار احمد ڪنڀر جي ذريعي احتجاج ڪندڙ ملازمن کي يقين ڏياريو آهي ته سندن جائز مطالبا 15 ڏينهن جي مدي ۾ حل ڪيا ويندا."
0 تبصرے