سماجي تنظيم منهنجا مارو ملير جا عهديدارن پاران عيد گڏجاڻي

گڏجاڻي ۾ عرفان عباسي، بخشيل سيال، سيد شبير احمد شاھ ، سجاد علي شيخ ۽ ٻيا شريڪ

سماجي تنظيم منهنجا مارو ملير جا عهديدارن پاران عيد گڏجاڻي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سماجي تنظيم منهنجا مارو ملير جا عهديدارن پاران عيد گڏجاڻي، تنظيمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه، سماجي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو تفصيل موجب : سماجي تنظيم منهنجا مارو ملير جا طرفان عهديدارن ۽ ميمبرن طرفان عيد گڏجاڻي جو پروگرام رٿيو ويو جنهن ۾ صدر عرفان عباسي، نائب صدر بخشيل سيال، جنرل سيڪريٽري سيد شبير احمد شاھ ، خزانچي سجاد علي شيخ، آفيس سيڪريٽري عبدالستار مهر، ايگزيڪٽيو ڪميٽي جي ميمبرن عبدالرسول بلالي، عبدالستار ابڙو، قاضي منير احمد، غلام شبير لاکو، سينيئر ميمبرن بشير احمد ابڙو، محمد مبين شيخ، عبدالوهاب ڏيرو، امداد علي صديقي، الهوسايو دايو، محمد سليمان سنجراڻي ۽ شاهد علي لولائي شرڪت ڪئي پروگرام جي شروعات تعارف سان ڪئي وئي. تنظيمي گفتگو شروع ڪندي جنرل سيڪريٽري سيد شبير احمد شاھ صاحب آيل مهمان کي ڀليڪار ڪندي تنظيم کي جوڙڻ ۽ ان جي بنيادي مقصدن کان تفصيلي طور آگاھ ڪيو ۽ تنظيمي معاملن متعلق بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته منهنجا مارو ملير جا نج سماجي تنظيم آهي جنهن جو مقصد علائقائي ترقي سميت ميمبرن ۽ سندن ٻچڙن جي مستقبل کي خوشحال بڻائڻ آهي اسان جي ڪوشش آهي ته سماجي طور ملير ۾ پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪريون.