وفاق ۽ پنجاب پنهنجي هوڏ تان نه لٿا ته بندرگاهه روڪينداسين: جونيئر ذوالفقار

وفاق ۽ پنجاب پنهنجي هوڏ تان نه لٿا ته بندرگاهه روڪينداسين: جونيئر ذوالفقار

لاڙڪاڻو (بيورو)جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن طرفان ڏنل آجياڻي واري تقريب دوران ڳالهائيندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ چار اپريل جو جلسو ڪري تمام بهتر محسوس ٿيو،ڪجھ ٽيڪنيڪل مشڪلان جي ڪري رڪاوٽون هيون پر مون کي لڳي رهيو آهي ته 4 اپريل کان پوءِ نظر لڳي وئي آهي پر مون کي بهتر لڳو، هي منهنجي خاندان، منهنجو ۽ منهنجي ننڍپڻ جو شهر آهي تنهن ڪري مون کي تمام بهتر محسوس ٿي رهيو آهي هن چيو ته جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي ان ۾ ڪائي شفافيت ناهي اسان کي ڪو اندازو ناهي، ڪو سچ نه پيو ٻڌائي، خبر ناهي ته ڪافي سالن کان ڪجهه ماڻهون ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ سيڙپڪاري ڪري پئسا وجهي رهيا آهن جڏهن سيد زين شاهه ان ڳالهه کي سامهون آندو ته گذريل 8 مهينن کان احتجاج جو سلسلو نه پيو رڪجي ۽ گرميون به هلي رهيون آهن، مون کي نه پيو لڳي ته اسين ائين رڪجنداسين. هن چيو ته 26 اپريل تي اسان جو پنهنجو دادو مورو پل تي احتجاج رٿيل آهي، 19 اپريل تي حيدرآباد ۽ سڀاڻي 16 اپريل تي نصيرآباد ۾ به احتجاج آهي، روز ڪو نه ڪو احتجاج آهي تنهن ڪري اسان نه رڪنداسين ڇاڪاڻ اسان کي حڪومت کان واعدو گهرجي ته هي ڪئنال نه ٺهندا، جيئن اسان ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ڪئي جيڪو منصوبو رڪجي ويو ساڳي ئي نموني اسين 6 ڪئنالن جي خلاف جدوجهد ڪنداسينهن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ مان انشاءَ الله حصو وٺي شهيد ڀٽو جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي پاڻ سان ساڻ ڪري وٺي هلندس پر في الحال ڪا پڪ ناهي پر ارادو آهي هن چيو ته وڪيلن پنجاب ويندڙ روڊ ۽ ريلوي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر جيڪڏهن اسان پنهنجي بندرگاهه کي بند ڪري ڇڏيون ته هي ڪئنال نه ٺهندا، جيڪڏهن هو اسان جي پاڻي کي روڪيندا ته اسان هنن جي بندرگاهه کي روڪينداسين.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سياست تمام پيچيده آهي پر مان پنهنجي وڏن ۽ وڪيلن خاص طور پنهنجي نوجوانن کان سکي رهيو آهيان جيڪي هن ملڪ جو رستو ڏيکاري رهيا آهنجيڪي ملڪ جي سياسي نظام کان تنگ اچي چڪا آهن. هنن 20 سالن کان اميرن جي سياست ڏٺي آهي ته ڪڏهن پ پ ۽ ڪڏهن مسلم ليگ ن ڪڏهن هي ته ڪڏهن هو، ڪنهن اِهو نه ڏٺو ته ڪنهن انهن جي لاءِ ڪجھ ڪيو، تنهن ڪري هي معاملا پنهنجي هٿن ۾ سنڀالي ورتا آهن، هي اسان کي بس اِهو ڏيکاري رهيا آهن ته اسان جي حڪومت ۾ ڪائي به شفافت ناهي، اسان کي خبر ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، اسان جا ماهر حسن عباس، نصير ميمڻ جا ان پٽ انتهائي قيمتي آهن پر ڪو به ان جي ڳالهه نه پيو ٻڌي ۽ نه ئي مڃي رهيو آهي ته ڪئنالن کان علاوه پاڻي ورهائڻ جا ٻيا به طريقي ڪار آهن، هاڻي عوام پريشانيءَ ۾ مبتلا آهي ته جيڪڏهن ڪئنال ٺهندا به يا نه، پر عوام جي هاڻي مطالبو آهي ته پ پ پاڻ ايڪشن کڻي اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪري گڏوگڏ ن ليگ ۽ ٻيون جماعتون توڙي مخالف ڌر ايڪشن کڻن ته هو به ڪئنالن جي خلاف آهن، ڇاڪاڻ مون سميت عام عام ماڻهون شهيد ڀٽو، جيئي سنڌ، ايس يو پي، جي ڊي اي يا پي ٽي آءِ سڀ ڪئنالن جي خلاف آهن.