گهگهر وٽ ڪئنالن خلاف ڌرڻو هڻڻ تي ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل

پوليس گهربل اڳواڻن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، وڪيلن جي ٽيم طرفان مفت ڪيس وڙهڻ جو اعلان

گهگهر وٽ ڪئنالن خلاف ڌرڻو هڻڻ تي ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل

ملير (عبدالرشيد مورجھريو)تڪراري ڪينالن خلاف گهگهر قومي شاهراهه تي سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان هنيل ڌرڻي ۾ شامل بن قاسم ٿاڻي تي 38 اڳواڻن ئي ڪارڪنن تي ڪيس داخل، ملڪ ۽ ڪينالن خلاف چڙ ڏياريندڙ نعرا، هٿيار جي موجودگي،جهيڙو ڪرڻ جا الزم، پوليس گهربل سياسي اڳواڻن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع، وڪيلن جي ٽيم طرفان مفت ڪيس وڙهڻ جو اعلان تفصيل موجب تڪراري ڪينالن خلاف گهگهر قومي شاهراهه تي سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان هنيل ڌرڻي ۾ شامل 38 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي سب انسپڪٽر محمد سرور سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس نمبر 283/25داخل ڪرايو آھي ڪيس ۾ نامزد ٿيل 38اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪينالن خلاف چڙ ڏياريندڙ نعرا، هٿيارن جي موجودگي،جهيڙو ڪرڻ جا الزم لڳايا ويا آھن ڪيس ۾ جن سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي نامزد ڪيو ويو آھي انهن ۾ صدا بليدي مختيار کوسو، نادر بليدي نومي زهراڻي حفيظ زهراڻي رجب زهراڻي خير محمد مگسي اعجاز سامٽيو دوست علي مگسي ادريس چانڊيو علي ناريجو مبين چانڊيو محبوب قيصراڻي منان شيخ رستم ميراڻي اياز قيصراڻي امام دين کوکر محمد خان ڪلمتي ممتاز ڪلھوڙو سيد لکڻ شاھد ميمڻ جمال مگسي منير مگسي جلال شاھ نادر مگسي ماجد گبول حيدر شاھاڻي پير بخش زرداري رشيد پتافي حاڪمزادي ٿيٻو قادر چنا اصغر سبزوئي هوت خان گاڏهي شوڪت مير جت شاھين ڊيڪوريشن وارو غلام ڏھرو راڻو خان زهراڻي ۽ فضل دين زهراڻي شامل آھن ڪيس ۾ الزام هنيو ويو آھي ته مٿيان ماڻهون سرڪاري ادارن دريا سنڌ مان نڪرندڙ ڪئنالن ۽ حڪومت خلاف زهر اوڳاڇيندڙ تقريرون ۽ نعرا هڻي رهيا هئا پوليس کين سمجهائي روڊ خالي ڪرڻ جون هدايتون ڪيون جنهن کان انڪار ڪندي هنن روڊ جا ٻئي پاسا بند ڪري ڇڏيا جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون ڄاڻايل ماڻهن جي هٿن ۾ لٺيون هٿيار هئا پوليس اها به دعوا ڪئي آھي ته قومي شاھراه بند ڪندڙن تي لاٺي چارج ڪري روڊ کولرايو ويو ڪيس داخل ڪرڻ کانپوء ڄاڻايل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ لاء ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي ٻئي طرف وڪيلن اعلان ڪيو آھي ته ڄاڻايل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو ڪيس مفت ۾ وڙھيو ويندو