English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ن ليگ ڪسان ونگ جي اڳواڻ امان الله ٽالپر پاران لال مالهي جي حمايت جو اعلان
views
|
14th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
جلسي ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت، تيمور ٽالپر پنھنجي ڀاءُ يونس سان سچو ناهي ته عوام سان ڪھڙو سچو ٿيندو: لال مالهي
عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ مورجھنگو ۾ مسلم ليگ نواز جي ڪسان ونگ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مير امان الله خان ٽالپر ذاتي حيثيت ۾ اين اي 213 تي ضمني چونڊ کان اڳ درياھ بچايو تحريڪ جي گڏيل اميدوار لالچند مالهي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، مير امان الله ٽالپر پاران ڳوٺ مورجھنگو ۾ ھڪ وڏو جلسو منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ اين اي 213 جي اميدوار لالچند مالهي، پي ٽي آئي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عالمگير خان، اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ سميت پاڪستان تحريڪ انصاف جي عورتن، علائقي واسين، نوجوانن، ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي درياھ بچايو تحريڪ جي اميدوار لالچند مالهي چيو ته تيمور ٽالپر پنھنجي ڀاءُ يونس سان سچو ناهي ته عوام سان ڪھڙو سچو ٿيندو، 18 سالن کان راڄ ڪندڙ ماڻھو 2 سئو ماڻھو گڏ ڪرڻ لاءِ ترسن پيا، مناظري کان ڀڄي ويا، توسان گڏ زرداري ۽ مونسان گڏ عمران خان، شاھ محمود قريشي ۽ پير پاڳاري جھڙيون شخصيتون آھن 17 اپريل جو ڏينھن اوهان جي سياسي خاتمي جو ڏينھن آھي، هن چيو ته پيپلز پارٽي چئي ٿي ته کيس عوام ميڊينٽ ڏنو آھي پر هنن درياھ جو سودو ڪري سنڌ جي 7 ڪروڙ عوام جو معاشي قتل ڪيو آھي، پيپلز پارٽي اميدوار جو پٽ پوليس موبائلن جي پروٽوڪول ۾ ورڪ ڪري ٿو ھاڻ ظلم ۽ ڏاڍ مڙسي جو وقت گذري ويو کيس 17 تاريخ تي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين عمرڪوٽ جو باشعور عوام مونسان گڏ آھي، مير امان الله ٽالپر جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪجھ به ٿي وڃي پر درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين، ھاڻ اها سنڌ ناهي جنھن کي پيپلز پارٽي ٽيڪو لڳائي سمھاريندي هئي، سنڌ سجاڳ ٿي آھي، پاڻي جي کوٽ علائقي کي تباھ ڪيو آھي، اسان سنڌ کي بچائڻ ۽ توهان سنڌ وڪڻڻ وارا آھيو، هن چيو ته نوجوان انقلاب آڻي پيو ۽ عمرڪوٽ جو نوجوان به 17 اپريل تي انقلاب آڻي لال مالهي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري پنھنجي شعور جو مظاھرو ڪندو، ان موقعي تي ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ، عالمگير خان، سيد صفدر علي شاھ, فقير محب منڱريو، گل بجير، حاجي ساند، دينار چانڊيو، مير شھزاد ٽالپر، غظنفر ٽالپر، مير بابر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Nov 2025
•
پاکستان
ایف ایف سی کو "کمپنی آف دی ایئر ایوارڈ" سے نوازا گیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں 27ویں آئینی ترمیم پیش — حکومت کی پوزیشن مضبوط، اپوزیشن کا واک آؤٹ
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
نواز شریف کی قومی اسمبلی آمد — ایوان میں لیگی ارکان کا پرتپاک استقبال، بلاول بھٹو نے بھی مصافحہ کیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں ہنگامہ — محمود خان اچکزئی نے 27ویں آئینی ترمیم کے بل کی کاپی پھاڑ دی
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ جو اجلاس
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو شھر ۾ اي سي سنجي ڪمار ترڪيو پاران کلي ڪچري منعقد
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ورلڊ بينڪ جي ٽيم پاران ڳاڙهو، ڪيٽي بندر ۽ گهوڙا ٻاري جا دورا
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جو ايس ايس پي پئسي جو شوقين آھي، کيس جلد گهر ڀيڙو ڪرايو ويندو: نواب تيمور ٽالپر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
لال مالهي
عمرڪوٽ
ڪسان ونگ
امان الله ٽالپر
ڳوٺ مورجھنگو
0 تبصرے