حسينا زال امين پنهور جو 11مهينا اڳ جناح اسپتال ۾ ڊليوري دوران آپريشن ٿيو, ڊاڪٽرن سندس پيٽ ۾ ڪپڙو وساريو هو: وارث
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب نوجوان ناري زندگي وڃائي ويٺي، وارثن جو احتجاج، اسپتال ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي سيکڙاٽ ڊاڪٽرن حوالي ڪري تجربه ڪيا وڃن ٿا سنڌ سرڪار نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، پيءُ يوسف جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ هلندڙ جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ملير جي سامونڊي پٽي تي آباد مهاڻن جي وسندي ابراهيم حيدري جي غريب پورهيت امين پنهور جي زال حسينه جي آپريشن دوران غفلت جو مظاهرو ڪندي پيٽ ۾ آپريشن جي پٽي وساري ڇڏي جنهن سبب هو سخت اذيت ۾ مبتلا ٿي ڪالھ فوت ٿي وئي ان سلسلي ۾ عورت جي پيءُ يوسف پهنور ۽ وارثن ادريس پنهور، حاجي عبدالله پنهور ۽ حاجي جمن ٻڌايو ته 11 مهينا اڳ حسينه جو ويم ٿيو جنھن کي جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن نرسن جي حوالي ڪري ڇڏيو جن مريض عورت جي پيٽ اندر ڪپڙي جي پٽي وساري ڊسچارج ڪري گهر روانو ڪيو جنهن سبب 11 مهينا بيمار رھڻ بعد گذريل ڏينهن دم ڏنو هنن ٻڌايو ته ڊاڪٽر عرفان ٻيو آپريشن سومر 7 اپريل تي ۽ ٽيون آپريشن 9 تاريخ ڊاڪٽر عرفان آپريشن ڪيو ان باوجود تڪليف ختم ٿيڻ بدران اسان جي نياڻي جي ساھ جي تند ٽٽي وئي هنن سنڌ جي وڏي وڏي وزير، صحت جي صوبائي وزير ۽ ايم ايس جناح اسپتال کي اپيل ڪئي ته بي رحم غير ذميوار ڊاڪٽرن ۽ نرسن خلاف نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي
0 تبصرے