English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻي ۾ تنيا ۽ جتوئي ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جو نبيرو
209 views
|
10th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
3ڏينهن اڳ اسد الله آباد محلي ۾ ٿيل جهيڙي بعد جتوئي ڌر ميڙ وٺي مير عدنان تنيو جي اوطاق تي پهتي
لاڙڪاڻو (بيورو) لاڙڪاڻي جي پير شير روڊ تي واقع اسد آباد محلي ۾ ٽي ڏينھن اڳ تنيا ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ٿيل جهيڙي جو نبيرو ٿي ويو، جتوئي برادري پاران ميڙ کڻي اچڻ کانپوءِ ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. لاڙڪاڻي جي پير شير روڊ تي واقع اسد آباد محلي ۾ ٽي ڏينھن اڳ مير عدنان تنيي عرف فوجيءَ جي گهر جي تعمير دوران، جتوئي ۽ تنيا برادري جي ماڻهن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنھن دوران ٻنھي برادرين جا ڪجهہ ماڻهو ۽ تنيا برادري جي گهر جو ڪم ڪندڙ ڪاريگر ۽ مزدور پڻ زخمي ٿي پيا هئا. اهڙي واقعي کانپوءِ ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال وڏي وئي هئي، جنھن بعد پوليس ٻنھي ڌرين جي معزز، وڏن مير عدنان تنيي ۽ تشڪيل جتوئي جي وڏي فرزند ايڊوڪيٽ سرتاج جتوئي جي وچ ۾ ڳالهيون ڪري معاملي کي حل ڪرايو. اهڙي صورتحال کانپوءِ جتوئي برادريء جي ماڻهن جهيڙي ۾ پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ مير عدنان تنيي جي اوطاق تي ميڙ وٺي آيا. ان موقعي تي مير عدنان تنيي عرف فوجي پنھنجي برادري جي معزز شخصيتن تنيا ويلفيئر ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي ضلعي جي سيڪريٽري ۽ صحافي مشتاق تنيي، صابر تنيي، بلاول تنيي، بادشاھ تنيي، قادر بخش جتوئي ۽ ٻين دوستن جي سامهون جتوئي برادري جي ميڙ کي مان ڏيندي معاملي کي ختم ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ٻنھي ڌرين هڪ ٻئي کي معاف ڪري، ڀاڪر پائي خير جي دعا گهري ۽ پاڙي ۾ ڀائرن جيان رهڻ جو وچن ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
چهرن جي تبديلي سان ڪجهه نه ٿيندو، نظام جي تبديلي سان سنڌ کي حق ڏياري سگهجن ٿا: خالق جوڻيجو
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت اصغر مستوئي جي آزادي لاءِ احتجاجي مارچ
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي عدالت پاران غلام الله جي صحافي پيرل پياسي جي ضمانت منظور
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لاڙڪاڻو
تنيا ۽ جتوئي
0 تبصرے