نوشهروفيروز ۾ يوم تهديم جنت البقيع جي موقعي تي ريلي

نوشهروفيروز ۾ يوم تهديم جنت البقيع جي موقعي تي ريلي

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ يوم تهديم جنت البقيع جي موقعي تي مرڪز ولايت علي پاڪستان تنظيم پاران هڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف علائقن مان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جنهن جي اڳواڻي سيد آصف امداد، سيد رسول بخش شاه، سيد منور شاهه، غلام حيدر کوسو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جنت البقيع ۾ حضرت بيبي فاطمه جي روضي کي تعمير نه ٿو ڪرايو وڃي جيڪو عمل ڏسي دل ڏکي رهي آهي ان لاءِ پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته سعودي عرب جي حڪومت سان رابطي ۾ اچي ڪري رسول خدا جي نياڻي سميت محترم حستين جي قبرن ۽ مزارن کي نئين سر تعمير ڪرائين ته جيئن مسلم اما جي جذبات کي تسڪين ملي.