English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي 7 ڊائريڪٽرن جي چونڊ اڄ ٿيندي
views
|
08th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ستن ورهين کانپوءِ ڊائريڪٽرن جي چونڊ ڪراچي فش هاربر اٿارٽي جي سوسائٽي آفيس ۾ ٿيندي
ملير(عبدالرشيد مورجھريو) مھاڻن جي ڀلائي لاء 1945۾ ٺاھيل تنظيم فشر مين ڪو آپريٽر سوسائٽي جي 7ڊائريڪٽرن جي چونڊ 7سالن کان پوء اڄ ڪراچي فش هاربر اٿارٽي جي سوسائٽي آفيس ۾ ٿيندي، 11هزار هڪ سو 82 رجسٽرڊ مھاڻا ووٽر پنهنجي پسند جي اميدوار کي ووٽ ڏيندا. اڄ ٿيندڙ چونڊن ۾ اميدوارن جا ٻه پينل حصو وٺي رهيا آھن تفصيل موجب مھاڻن جي ڀلائي لاء 1945۾ ٺاھيل تنظيم فشر مين ڪو آپريٽر سوسائٽي جي 7ڊائريڪٽرن جي چونڊ 7سالن کان پوء اڄ ڪراچي فش هاربر اٿارٽي جي سوسائٽي هال ۾ ٿيندي جنهن ۾11هزار هڪ سو 82 رجسٽرڊ مھاڻا ووٽر پنهنجي پسند جي اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي ته فشر مين ڪو آپريٽر سوسائٽي جي آخري اليڪشن 2017۾ ٿي هئي هنهن کان پوء تڪرارن قانوني پيچيدگين سبب هنن 7سالن ۾ مسلسل ايڊمنسٽر ئي سوسائٽي کي هلائندا ر هيا آھن سرگرم مھاڻن جي اڳواڻ جي طرفان عدالتن مسلسل ڪيس ڀوڳيندي آخر ڪار سوسائٽي ۾ اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪئي وئي ياد رهي ته سوسائٽي جي آئين ۾ ترميم ڪري 8سرڪاري ۽ 7مھاڻن جي نمائندن تي بورڊ آف ڊاريڪٽر جوڙيو ويو جنهن کان پوء گھڻائي سرڪاري ڊاريڪٽرن جي هجڻ ڪري سوسائٽي جو چيئرمين هميشه سرڪاري نمائندو مقرر ڪيو ويندو آھي سوسائٽي کي وجود ۾ايندي 80سال ٿي ويا آھن جنهن جي ميمبر شپ اوائلي دور ۾ 11هزار 1سو 82تائين ڪئي وئي جنهن بعد اڃان تائين ڪابه نئي ميمبر شپ نه ٿي سگهي آھي جڏهن ته آئين موجب فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي جو ميمبر سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي آباد هر باعمل مھاڻو ٿي سگهي ٿو پراڻي ميمبر شپ مان ذريعن موجب 6هزار کان وڌيڪ مھاڻا هي جهان ڇڏي چڪا آھن ۽ هن وقت جيڪي زنده بچيل ميمبر آھن انهن جو تعداد 3هزار ٻڌايو وڃي ٿو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مقصد قيامِ امام حسين عليه السلام...!!
07th Jul 2025
•
شوبز
’اسکوئڈ گیم‘ کے تیسرے سیزن نے تہلکہ مچا دیا، تین دن میں عالمی ریکارڈ قائم کر دیا
07th Jul 2025
•
شوبز
”عزت دو، عزت لو“ نادیہ خان کے بیان پر زرنش کا ردعمل
07th Jul 2025
•
شوبز
ڈرامہ انڈسٹری خواتین کے لیے غیر محفوظ ہے، لڑکیاں ذہنی طور پر تیار رہیں اور بچاؤ کے طریقے سیکھیں: ریحام رفیق
07th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مقصد قيامِ امام حسين عليه السلام...!!
07th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سيمينٽ فيڪٽري وٽ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ مبينا ڦورو مارجي ويو
07th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ويجهو 4 ڄڻن پاران نينگر سان مبينا اجتماعي بدفعلي جو انڪشاف
07th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
خانپور ويجهو ڳوٺ حبل سيٺار ۾ سيٺار برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار جي خاتمي لاء ميڙ منٿ قافلو پهتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي
ڪراچي فش هاربر اٿارٽي
0 تبصرے