عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن (او بي اي) پاران وڻڪاري مھم جو آغاز

عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن (او بي اي) پاران  وڻڪاري مھم جو آغاز

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) معروف سماجي تنظيم اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن (او بي اي) پاران وڻڪاري مھم جو آغاز ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ وائس چيئرمين ضلع کونسل عمرڪوٽ ميان پير محمد خالد حسين ولھاري پاران حاجي خان محمد منگریو پبلڪ اسڪول ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو ويو. انهيءَ موقعي تي اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن جو صدر غازي خان سمون، جنرل سيڪريٽري محمد حسن سميجو، عبدالحليم پلي ، عبدالقادر ساند، گل حسن سمون، عارف قريشي، ۽ ٻياپڻ موجود هئا. انهيءَ موقعي تي وائس چيئرمين ضلع کونسل عمرڪوٽ ميان پير محمد خالد حسين ولھاري چيو ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻڪاري مهم ضروري ٿي ويئي آهي، ماحولياتي آلودگي جي خاتمي لاءِ وڻڪاري مهم هڪ بهترين قدم آهي. جنهن لاءِ اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن جا عهديدار ۽ ممبرز مبارڪباد جا مستحق آهن. هن انهيءَ موقعي تي پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر غازي خان سمون ۽ جنرل سيڪريٽري محمد حسن سميجو پاران وائس چیئرمین ضلع ڪونسل عمرڪوٽ ميان پير محمد خالد حسین ولھاري سميت تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا