ملير: سنڌي وسندي انڊس ٽائون تي ڪاهه، رهواسين پاران سخت مزاحمت

پوليس، اينٽي انڪروچمينٽ سيل ۽ ايم ڊي اي پاران انڊس ٽائون تي چڙهائي دوران ڇڪتاڻ واري صورتحال

ملير: سنڌي وسندي انڊس ٽائون تي ڪاهه، رهواسين پاران سخت مزاحمت

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سپرهائي لڳ ناردرن باء پاس تي قائم سنڌي وسندي انڊس ٽائون تي پوليس روينيو اينٽي انڪروچمنت سيل ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چڙهائي انڊس ٽائون کي غير قانوني ڄاڻائي ڊاهڻ جي ڪوشش رهواسي مزاحمت ڪندي نڪري پيا رهواسين علي غلام ڀنڀرو. قائم الدين اڄڻ. عبدالقادر ڏيپر. شاھ محمد تنيو. عمران سپريو، نور محمد جي اڳواڻي ۾ نادرن بائي پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو رهواسين جو چوڻ هو ته انڊس ٽائون سنڌي وسندي آهي ڪراچي ۾ سنڌين جي آبادي کي سدائين ٽارگيٽ ڪري ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي هنن جو مطالبو هو ته روينيو ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، اينٽي انڪروچمنت سيل جي ڏاڍاين جو نوٽيس ورتو وڃي ڪنهن به صورت ۾ سنڌي وسندي خلاف ڪارروائي برداشت نه ڪئي ويندي بي طرف انتظاميا جو موقوف هو ته انڊس ٽائون جي زمين ڪنهن جي ذاتي ملڪيت آهي غير قانوني اڏاوتون ڊاهيون وينديون ٻي طرف رهواسين جي سخت مزاحمت تي عملو ناڪام ٿي واپس موٽي ويو