English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
تڪراري ڪئنالن خلاف عمرڪوٽ ۾ به پ پ جي ريلي، پاڻي تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا
111 views
|
25th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ وفاقي حڪومت پاران سنڌو درياءۡ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي پاڪستان پيپلزپارٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو سنڌو درياءۡ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو فورن واپس وٺڻ جو مطالبو خبر موجب پاڪستان پيپلزپارٽي جي سڏ تي سنڌو درياءۡ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف پ پ ضلع صدر ڊاڪٽر نور علي شاه، پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، جنرل سڪريٽري صوفي نواز سومرو, انفارميشن سڪريٽري برهان الدين ڪنڀار, حاجي بقا پلي، حاجي الھبچايو اسير، ڊاڪٽر اسد خالد سومرو، واحد بخش سمون، منٺار آريسر، مدن لال سوماڻي، گھنشام داس راٺوڙ، شڪيل قائمخاني، او پي ايس مالھي، نندلال ميگھواڙ، ليڊيز ونگ اڳواڻ نورجھان گيلھڙو، گلزاران سمون سميت ٻين جي اڳواڻي امير ھائوس کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو جنھن ۾ پارٽي عهديدارن ميمبر ضلع ڪائونسل يوسي چئيرمينن ڪارڪنن ۽ جيالن شرڪت ڪري سنڌو درياءۡ تي ڌاڙو نامنظور سنڌ سُڪائڻ بند ڪريو جا زوردار نعرا هنيا ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ گهڻي وقت کان برقرار آهي مٿان وري وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ غيرقانوني ترميمون ڪري سنڌو درياءۡ مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سُڪائڻ لاءۡ سازشون ڪيون پيون وڃن جيڪو سازشون ناڪام بڻائينداسين سنڌو درياءۡ اسانجو جياپو آهي ان مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مزاحمت تيز ڪري اهو غير قانوني منصوبو رد ڪرايو ويندو پاڪستان پيپلزپارٽي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي خلاف آواز اٿاري چڪو آهي ھنن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان ارسا ايڪٽ بل ۾ غيرقانوني ترميم ڪري 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي ناڪام ڪوشش آھي جيڪو ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏينداسين ارسا ايڪٽ بل ۾ ترميم ۽ سنڌو درياءۡ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي کي سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌو درياءۡ مان 6 ڪئنال ڪڍندڙ وفاق سان گڏ ڪونه بيھنداسين ارسا ايڪٽ بل ۾ ترميم کي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي ڪوشش سمجھون ٿا ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وارو بل واپس نه ورتو ويو ته روڊن تي سخت احتجاج ڪنداسين اڳواڻن چيو ته هڪ سازش تحت سنڌي قوم کي بي گهر ڪرڻ لاءۡ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڌارين کي ڏئي ڌرتي ڌڻين کي بي گهر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيو وڃن جيڪو عمل برادشت جوڳو ناهي ڪئنالن بابت پاڪستان پيپلزپارٽي جو چٽو ۽ واضع موقف آھي ته سنڌو درياءۡ مان ڪوبه ڪئنال ڪڍڻ ڪونه ڏينداسين آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير ڄام خان شورو به ڪئنال ڪڍڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي خلاف سنڌ اسيمبلي مان مذمتي قرارداد اڪثريت سان منظور ڪرائي چڪو آهي سنڌ جي زمين آباد نه ٿيندي ته سنڌي قوم معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويندي وفاقي حڪومت کي سنڌو درياءۡ تي ڪئنال اڏڻ جو ڪونه حق ناهي فورن سنڌو درياءۡ تي غيرقانوني ڪئنال اڏڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ جو عوام پنهنجا حق وٺڻ لاءۡ روڊن تي هوندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے