English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد ۾ رٽائرڊ پوليس خلاف رهواسين جو احتجاجي مظاهرو
views
|
25th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد ۾ رٽائرڊ پوليس اهلڪار رهواسين لاءِ رڻ ٻاري ڏنو، اعتراض ۽ اختلاف ڪندڙ واپارين، سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ علائقي معززن خلاف شاھ لطيف ٿاڻي تي ڪيترائي ڪوڙا ڪيس داخل، اهلڪار جي ڏاڍائي، ڪوڙا ڪيس مڙهڻ خلاف علائقي واسي رستن تي نڪري آيا، رزاق آباد جي مک بازار ۾ ريلي ۽ عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان ڌرڻو، ڄاڻايل اهلڪار پاڻ کي پوليس کاتي جو مالڪ چوي ٿو۽ علائقي ۾ هر ڏوهه جي سرپرستي ڪري ٿو سندس خلاف ڪاروائي ڪري ڳوٺاڻن خلاف مڙهيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين، احتجاجي ڳوٺاڻن جو مطالبو تفصيل موجب ملير جي علائقي رزاق آباد جي غريب آباد ۾ رٽائرڊ پوليس اهلڪار منور اعواڻ رهواسين لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي سندس ڪُڌي ڪمن تي اعتراض ۽ اختلاف ڪندڙ واپارين سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ علائقي معززن فراز ٽڳڙ، حسن ڪلمتي، منصور علي ۽ ٻين خلاف شاھ لطيف ٿاڻي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا جنهن خلاف علائقي واسين رزاق آباد جي مک بازار ۾ ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان ڌرڻو هنيو مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ هو پوليس اهلڪار منور پنجابي کي گرفتار ڪريو، غنڊه گردي بند ڪريو جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ فياض ٽڳڙ، محمد ڪلمتي، فيض هيسباڻي، نوشاد ٽڳڙ ۽ ٻين چيو ته منور اعواڻ پوليس کاتي جو سهارو وٺي علائقي ۾ هر غير قانوني ڪم جي سربراهي ڪري رهيو آهي ڄاڻايل اهلڪار چرس، آئيس، ڪروڊ آئل وڪرو ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سندس گهر تي ڇاپا به لڳا آهن پر هو واسطا استعمال ڪري ۽ ڏي وٺ ڪري پنهنجي جان آجي ڪرائي ڇڏي ٿو هنن چيو ته جيڪڏهن علائقي معزز سندس غير قانوني سرگرمين تي اعتراض يا اختلاف ڪن ٿا ته کين ڪوڙا ڪيس ڪرائي گرفتار ڪرائي ٿو ۽ پاڻ کي پوليس کاتي جو مالڪ چوي ٿو ڇاڪاڻ ته شاھ لطيف پوليس ساڻس ٻٽ بڻيل آهي سندس خلاف ڪاروائي ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Jul 2025
•
تازہ ترین
گھوٹکی: ٹک ٹاکر ثمیرا ملک کی لاش برآمد، ورثاء کا قتل کا شبہ، دو افراد گرفتار
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انسانيت جو قتل دھشتگردي نام نهاد غيرت
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن تي تشدد آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي
25th Jul 2025
•
سندھ
شرح سود 6فیصد تک لایا جائے تاکہ قرضے سستے ہوں اور صنعت ترقی کر سکے،ملک خدا بخش
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز پبلڪ پارڪ ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون: سهيل اختر عباسي
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۽ ڀرپاسي برساتن بعد مڇرن جو آزار وڌي ويو، ڳوٺاڻا پريشان
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر نئين رياست قائم ڪئي ويندي: اياز لطيف پليجو
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ڊي سي آفيس ڀرسان وڻ وڍجي ويا، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڪيس داخل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
رزاق آباد
0 تبصرے