گڏجاڻي ۾ چونڊيل نمائندن پاران نظرانداز ڪرڻ تي سخت مايوسي جو اظهار ڪيو ويو
نوشهروفيروز(ڊر )تڪ پي ايس 34 ۽ اين اي 212 جي چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي پاران تڳر برادري کي ترقياتي ڪمن ۾ مڪمل نظر انداز ڪرڻ خلاف تڳر برادري جي هڪ گڏجاڻي ڳوٺ گل محمد تڳر لڳ وڏا ڏنگراچ نوشهرو فيروز ۾ رکي وئي گڏجاڻي ۾ تڳر برادري جي اڳواڻ سردار راجا خان تڳر محمد عمر تڳر ماجد علي تڳر امجد تڳر جامي شاهنواز تڳر احسان علي تڳر جي اڳواڻي ۾ رکي وئي گڏجاڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ 15 جي تڳر برادري سميت مختلف وارڊن جي برادري جي معززن شرڪت ڪئي ۽ پيش ٿيل مسئلن بابت آگاهي ڏني مسئلن ۾ هر ڳوٺ ۾ روڊ رستن پيور نالين صفائي مڇرن جو آزار وڌي وڃڻ اسٽريٽ لائٽ بجلي جو نه هجڻ نلڪا ۽ سولر پليٽون نه ملڻ جون ڌانهون ڪيون ان کان پو۽ روزگار نه ملڻ جون پڻ شڪايتون ڪيون گڏجاڻي ۾ لڳ ڀڳ 15 کان مٿي ڳوٺن جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن سردار راجا خان تڳر. ماجد علي تڳر احسان علي تڳر شاهنواز خان تڳر برادري جي ماڻهن سان ڳالهائندي چيو ته گزريل عام چونڊن ۾ ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو ۽ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ پاران وڏيون دعوائون ڪيو ويون هون پر عام چونڊن کي سال گزري ويو آهي پر هو تڪ ۾ برادري وٽ اچڻ لا۽ تيار نه آهن ۽ نه وري مٿيان ڪم ڪن ٿا بار بار چوڻ باوجود به هو ڪن لاٽار ڪن ٿا جڏهن ته ٻئي پاسي ڪم ٿين پيا ۽ اسان جو هڪڙو به ڪم نٿو ٿئي اسان پي پي پي جي اعليٰ قيادت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان جا ڪم نٿا ٿين هنن چيو ته جي اڳر ڪم نه ٿيا ته چونڊيل نمائندن ميمبرن ۽ چيئرمين خلاف سماجي بائيڪاٽ ڪري انهن جوگهيرائو ڪنداسين ۽ ڪم نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان پرامن احتجاج ڪنداسين گڏجاڻي ۾ آئندا لا۽ عمل جوڙيو ويو جنهن ۾ ڪم نه ٿيڻ جي صورت ۾ پريس ڪلب سميت ضلعي چيئرمين ميونسپل چيئرمين ۽ نمائندن جي آفيسن اڳيان پرزور احتجاج ڪيو ويندو آخر ۾ تڳر اتحاد زنده آباد تڳر برادري زنده آباد جا نعره هنيا ويا
0 تبصرے