English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ سولر هوم سسٽم ورهائڻ جي تقريب منعقد
105 views
|
18th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، ايم اين اي اياز علي شاهه ۽ ٻيا شريڪ
سجاول (گلشيرميربحر) سنڌ حڪومت پاران سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ تحت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستفيد مستحقين ۾ سولر هوم سسٽم ورهائڻ جي تقريب شايان بينڪوئٽ سجاول ۾ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي خاص مهمان صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي پ پ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوام جي خدمت ۾ اڳڀري رهي آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي سنڌ حڪومت سجاول ضلعي ۾ مستحق عورتن کي سولر هوم سسٽم فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته جون تائين ضلعي ۾ 6000 کان وڌيڪ ماڻهو هن سهولت مان فائدو حاصل ڪندا. هن چيو ته جون کان پوءِ سنڌ حڪومت سڄي سنڌ ۾ گهرن کي سولرائيز ڪندي جڏهن ته ننڍن ڪاروباري ماڻھن کي سهولتون پڻ فراهم ڪندي. هن چيو ته دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو جنهن تحت سنڌ حڪومت پوري سنڌ ۾ 20 لک گهر ٺاهي رهي آهي، جڏهن ته سجاول ضلعي ۾ 52 هزار گهر ٺاهيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي نه رڳو اعلان ڪيا آهن پر عوام جي عملي خدمت به ڪئي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند چيو ته هن اسڪيم تحت سنڌ حڪومت غريب ۽ مستحق ماڻهن جن کي بجلي تائين رسائي ناهي انھن کي بنا ڪنهن فرق جي سولر سسٽم جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته هي اسڪيم سجاول ضلعي جي 6000 کان وڌيڪ خاندانن لاءِ آهي جنھن تحت 6000 رپيا چالان جي صورت ۾ جمع ڪرائڻا پوندا ۽ سامان انهن جي حوالي ڪيو ويندو. بعد ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول ۾ آئي بي اي پاس اميدوارن ۾ تقرري جا آرڊر ورهائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي چيو ته پيپلز پارٽي هميشه غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي ڳالھ ڪئي آهي ۽ کين روزگار فراهم ڪيو آهي، پيپلز پارٽي جو منشور ئي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان آهي. هنن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والدہ شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن تي عمل ڪري رهيو آهي، اسان کي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻو آهي. هنن چيو ته اهو ڪريڊٽ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي وڃي ٿو ته تعليم کاتي ۾ نوجوانن کي 70 هزار کان وڌيڪ نوڪريون بغير ڪنهن سفارش جي صرف ميرٽ جي بنياد تي ڏنيون ويون آهن. هنن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت ميرٽ کي ترجيح ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن محنتي ۽ اهل نوجوان نوڪريون حاصل ڪري سگهن. هنن يقين ڏياريو ته عيد کان پوءِ گريڊ هڪ کان چوٿين تائين نوڪرين جا آرڊر جاري ڪيا ويندا. ھنن چيو ته سنڌ حڪومت آءِ بي اي سکر جي سهڪار سان هڪ پورٽل قائم ڪيو آهي، ھتان جا تعليم يافته بيروزگار نوجوان پنجين کان 15 هين گريڊ تائين نوڪرين لاءِ درخواستون ضرور ڏين ته جيئن اهي ميرٽ تي نوڪريون حاصل ڪري سگهن. تقريب ۾ ايم پي اي ريحانه لغاري، ايم پي اي سيد شاهه حسين شاهه شيرازي، سنڌ سولر پروجيڪٽ ڊائريڪٽر شفيق احمد چانڊيو، پ پ پ اڳواڻ ارباب وزير احمد ميمڻ، ڊاڪٽر اقبال ميمڻ، عبداللطيف ميمڻ، محمد يوسف جمالي، منظور پليجو، حاجي محسن سنڌي، وحيد پرهياڙ، دائود سومرو ۽ ٻين پ پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
سولر هوم سسٽم
0 تبصرے