ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ٺٽو فراز احمد عباسي سان انساني حقن جي الطاف حسين تنيو جي ملاقات جنهن دوران عورتن ۽ مردن لاءِ سينيئر سٽيزن ڪارڊ، پي آر سي ۽ ٻين درپيش مسئلن تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي. ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن ٺٽو جي سرڪل آفيسر ملڪ نظير.عالمي انساني حقن جي تنظيم انٽرنيشنل هيومن رائٽس موومينٽ عورتن ونگ ضلعي ٺٽو جي چيئرپرسن وقارالنساءَ، ايڊووڪيٽ جهانزيب، جوهرا مصطفيٰ، سڪندر ميمڻ، سڪندر شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. الطاف حسين تنيو اي ڊي سي ٽو فراز احمد عباسي کي ٻڌايو ته سينيئر سٽيزن ڪارڊ ۽ پي آر سي لاءِ ايجنٽ مافيا عورتن کان پئسا وٺي رهي آهي جڏهن ته حڪومت سنڌ پاران ان جي ڪا به فيس مقرر نه ڪئي وئي آهي. هي ڪارڊ 60 سالن يا ان کان وڌيڪ عمر جي عورتن ۽ مردن لاءِ آهي جن جي مڪمل رجسٽريشن کان پوءِ ميڊيڪل ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ جاري ڪيو پيو وڃي. ايجنٽ مافيا پاران هي افواهون پکيڙيون پيون وڃن ته هن ڪارڊ ذريعي پئسا ملندا ۽ پي آر سي سميت ٻين مقصدن لاءِ عام ماڻهن کان ناجائز رقم ورتي پئي وڃي. جنهن تي اي ڊي سي فراز احمد عباسي وضاحت ڪندي چيو ته سينيئر سٽيزن جي فارمن جي داخلا سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي خدا بخش بھراڻي وٽ ٿي رهيو آهي. جڏهن ته پي آر سي لاءِ عورتون اسان وٽ اينديون آهن جنهن جي ڪا به فيس وصول نه ڪئي وڃي ٿي اسان رمضان المبارڪ دوران به آفيس ۾ سڄو ڏينهن ويهي پي آر سي کي اوليت جي بنياد تي تيار ڪري رهيا آهيون الطاف حسين تنيو زور ڏيندي چيو ته سينيئر سٽيزن ڪارڊ جي فارم يا پي آر سي لاءِ ڪنهن کي هڪ روپيو به نه ڏنو رڃي ڇو ته هي حڪومت جو منصوبو آهي جنهن ۾ ڪنهن کان به پئسا نه ورتا ويندا. صرف 60 سالن يا ان کان وڌيڪ عمر جي عورتن ۽ مردن کي حڪومت طرفان بنيادي سهولتون فراھم ڪيون وينديون.
0 تبصرے