عباس ٽائون پپري واسي ارباب سومرو بيروزگاري سبب پاڻ تي پئٽرول هاري آپگهات ڪري ڇڏيو
ملير (رپورٽر)پاڪستان اسٽيل مل مان جبري نيڪالي ڏنل پورهيت عباس ٽائون پپري ۾ بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ کي باھ ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، گهر ۾ ماتم، بابا سائين بااصول ۽ خوددار ماڻهو هو بيروزگار سبب گهر ۾ فاقه ڪشي ۽ گهر جو ڪرايو وقت سر نه ڏيڻ سبب انتهائي قدم کنيو پٽ تفصيل موجب عباس ٽائون لڳ پپري ۾ پاڪستان اسٽيل مل مان جبري نيڪالي ڏنل پورهيت ارباب سومرو پٽ رضا محمد سومرو 3 ڏينهن اڳ پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي ڇڏي جنهن بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، وارڊ جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته هن جو 80 سيڪڙو جسم سڙي چڪو هو، ان سلسلي ۾ فوتي جي نوجوان پٽ سمير ٻڌايو ته اسٽيل مل مان جبري طور نيڪالي بعد والد تمام گهڻو پريشان رهندو هو بابا سائين بااصول ۽ خوددار ماڻهو هو بيروزگاري سبب گهر ۾ فاقه ڪشي ۽ گهر جو ڪرايو وقت سر نه ڏيڻ سبب انتهائي قدم کنيو هن چيو ته مسواڙ جي گهر ۾ رهندا آهيون اڪثر مسواڙ نه ڏيڻ تي گهر مالڪ اڳيان شرمسار ٿيڻو پوندو هو منهنجي والد جيان جبري رٽائرڊ ڪيل پورهيت خودڪشيون ڪري رهيا آهن هن مطالبو ڪيو ته اسٽيل مل کي بحال ڪري روزگار ڏنو وڃي ٻئي طرف پپري فٽبال گرائونڊ ۾ جنازي نماز ادا ڪري سندس مڙهه سوين آلين اکين سان اسٽيل مل جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
0 تبصرے