ڪراچي: بدمست ڊرائيور پاران ڪار چاڙهي قتل ڪيل صحافي تشڪيل حيدر سنديلو جي ڪيس جي پوئواري لاءِ 7 رڪني ڪميٽي قائم

صحافتي تنظيمن کي شهيد تشڪيل حيدر سنديلو جي پونيئرن جي مدد لاءِ اڳتي اچڻ جو مطالبو

ڪراچي: بدمست ڊرائيور پاران ڪار چاڙهي قتل ڪيل صحافي تشڪيل حيدر سنديلو جي ڪيس جي پوئواري لاءِ 7 رڪني ڪميٽي قائم

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ بدمست ڊرائيور پاران ڪار چاڙهي قتل ڪيل صحافي تشڪيل حيدر سنديلو جي ڪيس جي پوئواري لاءِ 7 رڪني ڪميٽي قائم، صحافتي تنظيمن کي شهيد تشڪيل جي پونيئرن جي مدد لاءِ اڳتي اچڻ جو مطالبو گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ شهيد صحافي تشڪيل حيدر جي لاءِ تعزيتي ميراڪو ڪوٺايو ويو ميڙاڪي ۾ ايس اين ايس جي صدر قاضي شفيق، مختيار سومرو، تصوير سنديلو، مشتاق سرڪي، فرمان سنديلو، مقبول سنديلو، حزب الله تنيو، نصرالله جمالي، سرور سميجو، صاحب خان ڀنڊ نواز ڏاهري، عباس پٺاڻ، عمران ڪورائي، عمران سولنگي، ماجد سمون، علي اڪبر ٻگهيو، سارنگ منير سومرو، مظهر ابڙو، صفدر خاصخيلي، رياض ابڙو، علي نور محمد ڪلهوڙو، نجيب سنديلو، محمد دانش، مجيب الرحمان سنديلو، وقاص سنديلو، قيوم سنديلو، ماجد سنديلو، امانت علي سنديلو، توفيق احمد سميت وڏي انگ م صحافين شرڪت ڪئي ان موقعي تي قاضي شفيق، مختيار سومرو، مشتاق سرڪي، حزب الله تنيو، نصرالله جمالي، تصوير سنديلو، فرمان سنديلو ۽ بين خطاب ڪندي چيو ته تشڪيل حيدر سنديلو جي قتل لاءِ انصاف ۽ منصفانه ٽرائل جو مطالبو ڪريون ٿا، جيڪو هڪ تيز رفتار ڪار جي ڪري روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. سرڪاري ادارن ۽ صحافي تنظيمن کي مقتول صحافي جي خاندان جي مدد لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي هننچيو ته تشڪيل حيدر سنديلو ، هڪ سينئر صحافي جيڪو سنڌي ميڊيا جي ادارن ۾ 25 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ڪم ڪيو هن جون صحافتي خدمتون ياد رکيون وينديون ان موقعي تي تشڪيل سنديلي جي پونيئرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ قاضي شفيق مشتاق سرڪي، نصرالله جمالي، نواز ڏاهري، تصوير سنديلو ۽ فرمان سنديلو تي ٻڌل ڪميتي قائم ڪئي وئي ان موقعي تي صحافي جي خاندان سان تعزيت ڪئي