ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل صحافي تشيڪل سنديلو جو ڪيس ٽيپو سلطان ٿاڻي تي داخل ٿي ويو. صحافي برادري سينيئر صحافين مشتاق سرڪي، قاضي شفيق احمد، مقبول سنديلو، حزب الله تنيو، تصوير سنديلو، مشتاق ميراڻي، صفدر وڳڻ، رياض ابڙو، عمران ڪورائي ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ ٿاڻي پهچي صحافي تشڪيل سنديلو ۽ ساٿي سوار ثاقب امتياز جو ڪيس قلم 320 تحت داخل ڪرايو. صحافين پوليس کان حادثي بابت تفصيل معلوم ڪيا ۽ جوابدار جي نشاندهي جي حوالي سان ڪنهن اڳڀرائي تي گفتگو ڪئي، پوليس چيو ته جاچ جاري آهي، تمام جلد جوابدار تائين پهچي وينداسين.صحافين پوليس کي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيندي جاچ جو دائرو تڪڙو وڌائي جوابدار جي جلد گرفتاري عمل ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي سينيئر صحافي مشتاق سرڪي چيو ته صحافي تشڪيل سنديلو جو قدرتي موت ناهي ٿيو، کيس روڊ حادثي ۾ قتل ڪيو ويو آهي، اسان ڪهڙي به صورت ۾ خاموش ٿي نه ويهنداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي جوابدار جي گرفتاري ڪرڻ سان گڏ صحافي تشڪيل سنديلو جي معصوم ٻارڙن جي واهر لاءِ به اڳتي اچڻ گهرجي.
0 تبصرے