English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو
16 views
|
28th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌ جو مھان شاعر ۽ ليکڪ ھو، جنھن شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي حب، ماروئڙن جو ڏک درد ۽ سنڌ سان عشق سمايل آھي: مقرر
نوشھرو فيروز (ڊر)سنڌ جي قومي مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ياد ۾ تعذيتي ميڙاڪو سنڌي ادبي سنگت شاخ بچل مھر ۽ شاخ نوشھرو فيروز پاران ضلعه رابطه سيڪريٽري ايم ظفر تڳر جي ميزبانيءَ ھيٺ ٿيو. ھن ميڙاڪي جي صدارت سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏيپارجا جي سيڪريٽري محبتي ملاح ڪئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي مقررن امجد ميمڻ، جبار ملاح، غفار عباسي، يونس راڄپر، علي نواز سولنگي، نور محمد ناز، شاھد راڄپر، بشير حسيني، خادم سيال، محرم چنو، سھيل منگي ۽ ٻين چيو ته، ڏاڪٽر آڪاش انصاري سنڌ جو مھان شاعر ۽ ليکڪ ھو، جنھن شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي حب، ماروئڙن جو ڏک درد ۽ سنڌ سان عشق سمايل آھي، سندس شھادت سان اڃان تائين سنڌ سوڳوار آھي. سندس وڇوڙي جو ڏک پوري سنڌ ۾ آھي. ھنن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال علم ادب ۽ خاص ڪري ٻاراڻي ادب جي شاعريءَ جو وڏو خزانو ڏنو آھي. سندس وڇوڙو به وڏو نقصان آھي. اھڙن قومي ھيرن جي وڇوڙي تي، اسان کين ياد ڪري پنھنجو فرض نڀايو آھي. ان موقعي تي صدارتي تقرير کان علاوه ايم ظفر تڳر ۽ محرم چنه ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي ۽ پنھنجي شاعري پڻ جھونگاري پروگرام ۾ پپن ڀيرائي، عبدالرزاق خاصخيلي، محمد عادل عباسي، شاھد خانزادو، عتيق الحمٰن وسطڙو، رضا محمد چنو، عبدالحميد چنو، محمد حسنين سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
پاکستان
چیئرمین سینیٹ یوسف رضا گیلانی سرکاری دورے پر ملائیشیا پہنچ گئے
14th Dec 2025
•
پاکستان
قطر کا قومی دن، قونصل جنرل نائف شاہین السلیطی سے ڈاکٹر شام سندر کی ملاقات، مبارک باد دی
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
چیئرمین سینیٹ یوسف رضا گیلانی سرکاری دورے پر ملائیشیا پہنچ گئے
14th Dec 2025
•
پاکستان
قطر کا قومی دن، قونصل جنرل نائف شاہین السلیطی سے ڈاکٹر شام سندر کی ملاقات، مبارک باد دی
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊاڪٽر آڪاش انصاري
نوشهروفيروز
0 تبصرے