English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ چوري ۽ ڦر جون 3 وارداتون، متاثرن جو احتجاج
views
|
28th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ميمڻ ڳوٺ ۾ ڦورن رڻ ٻاري ڏنو، هفتي دوران ٻن گهرن ۾ ڌاڙا، پمپ سامهون 2 موٽر سائيڪلون ۽ گهر اڳيان بيٺل نوجوان کان موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر، واپارين طرفان احتجاج جو چتاءُ، پر امن علائقي کي ڦرلٽ جو ڳڙھ بنايو ويو آهي رات ڏينهن ڦرون معمول بڻيل آهن ۽ پوليس ستي پئي آهي جنهن سبب علائقي واسي م گهرن ۾ به محفوظ ناهن پوليس روايتي خانہ پوري ڪرڻ بدران اثرائتي ڪاروائي ڪري بي صورت ۾ واپارين، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي سان گڏجي ڦرلٽ خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، واپاري سليمان ميمڻ ۽ ٻين جون پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهيون تفصيل موجب ملير جي واپاري مرڪزميمڻ ڳوٺ ۾ ڦورن رڻ ٻاري ڏنو آهي هڪ هفتي دروارن ڊاڪٽر عبدالڪريم ميمڻ ۽ ثاقب جان بلوچ جي ڌار ڌار 2 گهرن ۾ 8 کان وڌيڪ هٿيار بندن ڀت ٽپي گهرڀاتي کي يرغمال بڻائي ڪيترائي تولا سونازيور، لکين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا هئا ۽ ڪالھ پمپ سامهون 2 موٽر سائيڪلن سميت گهر اڳيان ويٺل حاجي اميد علي پاڙي جي رهواسي جان محمد ميمڻ کان هٿياربند موبائيل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا جنهن بعد واپاري سليمان ميمڻ ۽ ٻين ميمڻ ڳوٺ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪنڌي چيو آهي ته پر امن ميمڻ ڳوٺ کي ڦرلٽ جو ڳڙھ بڻايو ويو آهي جنهن سبب واپار ڪرڻ مشڪل ۽ ماڻهون گهر ۾ غير محفو بڻجي ويا آهن ڪجھ مهينن کان ڦرون ۽ ڌاڙا ايترا وڌي ويا آهن جو مجبورن پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي آهي هنن چيو ته ڪجهھ ڏينهن اڳ قمر جان بلوچ جي گهران ۽ ان کان اڳ ڊااڪتر عبدالڪريم ميمڻ جي گهر ۾ ڦورن وڏي ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا هئا ۽ اڃان تائين علائقي ۾ موٽر سائيڪولن ۽ موبائل فون ڦر معمول بڻيل آهي ڪنهن به هنڌ ڪو به محفوظ ناهي رهيو هنن چيو ته پوليس جيڪڏهن پنهنجي تي اچي ته علائقي ۾ هڪ به واردات نه ٿئي پر افسوس پوليس ستي پئي آهي ۽ علائقي واسي غير محفوظ بڻجي ويا آهن هنن آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو ته اثرائتي ڪاروائي ڪري ڦرلٽ تي ضابطو آندو وڃي ٻي صورت ۾ واپارين، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي سان گڏجي ڦرلٽ خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Nov 2025
•
پاکستان
ایف ایف سی کو "کمپنی آف دی ایئر ایوارڈ" سے نوازا گیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں 27ویں آئینی ترمیم پیش — حکومت کی پوزیشن مضبوط، اپوزیشن کا واک آؤٹ
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
نواز شریف کی قومی اسمبلی آمد — ایوان میں لیگی ارکان کا پرتپاک استقبال، بلاول بھٹو نے بھی مصافحہ کیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں ہنگامہ — محمود خان اچکزئی نے 27ویں آئینی ترمیم کے بل کی کاپی پھاڑ دی
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ جو اجلاس
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو شھر ۾ اي سي سنجي ڪمار ترڪيو پاران کلي ڪچري منعقد
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ورلڊ بينڪ جي ٽيم پاران ڳاڙهو، ڪيٽي بندر ۽ گهوڙا ٻاري جا دورا
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جو ايس ايس پي پئسي جو شوقين آھي، کيس جلد گهر ڀيڙو ڪرايو ويندو: نواب تيمور ٽالپر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ميمڻ ڳوٺ
0 تبصرے