English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت گڏ ڪرڻ واري ڪيمپ قائم
11 views
|
28th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( ڊر) ڪاشف اقبال ٿيليسيميا ڪيئر سينٽر پاران ٿيليسيميا بيماري ۾ مبتلا ٻارڙن جون زندگيون بچائڻ لاء ھڪ روزہ مفت رت جي عطئي جي ڪئمپ SRTC اسٽاپ ٺٽي تي لڳائي ويئي، جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻھن پھچي رت جو عطيو ڏنو، ان موقعي تي چيئرمين اقبال، خالد سليم، شمائلہ خالد، ڊاڪٽر امير علي، سماجي اڳواڻ سيد جاويد شاھ، مراد علي ساٽي، اقبال مغل پاران انتظام سنڀالي رت ڏيندڙن جي سارسنڀال لڌي، ان موقعي تي خالد سليم چيو تہ ھي رت جي ڪئمپ ٿيليسيميا بيماري ۾ ورتل ٻارڙن جون زندگيون بچائڻ لاء لڳائي ويئي اھي، جيئن رت جمع ڪرائي انھن ٻارڙن جون زندگيون. بچائي سگھجن. ھن چيو تہ جنھن انسان ھڪ انساني زندگي بچائي ڄڻ ھن انسانيت کي بچائي ڇڏيو آھي، خالد سليم وڌيڪ چيو تہ رت ڏيئي انساني زندگي بچائڻ وڏي عبادت سان گڏ انسانيت جي وڏي خدمت آھي، جيڪا خدمت ھر انسان کي ڪرڻ گھرجي، ھن چيو تہ ڪاشف اقبال ٿيليسيميا ڪيئر سينٽر وارا ھي بھتر ڪم ڪن پيا، جن کي اسانجي ساٿ جي بہ سخت ضرورت آھي، ھن چيو تہ ھر فرد کي گھرجي تہ ھو ھھڙن ڀلائي وارن ڪمن ۾ ھٿ ونڊائي انساني جانيون بچائين. ھن چيو تہ اسلام ۾ رت ڏيڻ ۽ رت وٺڻ لاء ڪي بہ رشتا يا ڪو مذھب قيد ناھي. اسانکي انساني ناتي انساني زندگيون بچائڻ لاء جدوجھد ڪرڻ گھرجي، جيئن خوشيون ٻيھر موٽي اچن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سڄي سنڌ جيان ملير به ثقافتي رنگ سان رڱجي ويو
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ گوٺ ۾ مائي نياڻي درگاهه ڀرسان ندي مان اڻڄاتل شخص جي لاش هٿ
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪورٽ ۾ حادثو، مزدور ٽئين ماڙ تان هيٺ ڪري فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ڪاشف اقبال ٿيليسيميا ڪيئر سينٽر
0 تبصرے