اسين جي تاريخ جي ورقن کي پڙھنداسين ته دنيا جو ڪافي قومون پنھنجي وطن جي جنگ پنھنجو وجود لاء لڙھيون آھن صرف چند سست ناھل قومن کان علاوا !
جيڪي قومون پنھنجي حق لاء نه سجاڳ ٿيون اڄ اھي قومون بنا ڪنھن اثار بنا ڪنھن ثبوت جي دنيا جي نقشي تان غائب آھن ـ
پر جيڪي قومون پنھنجي وطن لاء وڙھيون اھي اڄ به زندا ۽ انھن کي دنيا خوبصورت لفظن ۾ ياد ڪري ٿي يا جيڪي ھزارين سال پراڻيون بھادر قومون ختم ٿيل آھن ته انھن کي دنيا بھترين لفظن ۾ لکيو ياد ڪيو ۽ پڙھيو آھي جنھن تاريخ ڪتابن ۾ سبق پڻ موجود آھن جنھن جا ڪجھ آثار موجود پڻ آھن ـ
سنڌ ڌرتي تي رھندڙ سنڌ جي وارث سنڌي قوم به انھن قومن مان ھڪ آھي جيڪي پنھنجي وطن جي جنگ ھزارين سالن کان وٺي وڙھندي ٿي اچي .
سنڌ تي سوين سالن کان وٺي سوئرن جا عزاب سھندي ٿي اچي !
پنھنجي وجود جي جنگ لڙھندي رھي آھي !
اڄ جي سنڌ ڌرتي تي پھريون ايندڙن ڏکين وقت جھڙو وقت ئي چئجي يا ان ته وڌيڪ ڇو جو سوين سال پھريون سنڌ تي مختلف حملا وارن جا حملا ٿيندا رھيا آھن ارغون تاتارين عربن انگريزن تائين پر انھن سنڌ کان پنھنجو درياھ نه کسيو ھو نه سنڌ جي پاڻي کي سڪايو ھو پر اڄ جي يزيدن سنڌ جي ٿڃ سنڌو جي ساھ کي ختم ڪرڻ لاء ھڪ پاسي ھڪ ڀت بڻجي گڏ آھن ـ انھن سان ڪجھ سنڌ جا نمڪ حرام سنڌ دشمن پڻ ھڪ صف ۾ گڏ بيٺل آھن ـ انھن نمڪ حرامن ۾ پھرين صف ۾ بيٺل سنڌ جا مڪمل چونڊيل اين پي اي ـ ايم اين اي سنڌ جي دشمنن سان پڻ ھڪ آھن صرف اقتدار جي حوس لالچ ۾ غدار بڻجي ماء جو سوڌو ڪرڻ لاء تيار آھن ـ
افسوس
پر جڏھن به سنڌ تي ڪاھ ٿي آھي ته سنڌ جي غيرتمند پٽن پنھنجي حق جي ويڙھ سدائين وڙھي آھي ۽ پنھنجي جان ڏئي به سنڌ جو وجود زندا رکيو آھي ۽ جيڪي اڄ به سنڌ جا بھادر پٽ وڙھن ٿا پيا ـ
۽ اسان سڀني کي گھرجي ته پنھنجي فرض نڀايو ھڪ بھادر قوم جا فرد بڻجي بنا ڪنھن لالچ جي پنھنجي بقا جي جنگ ضرور وڙھجي ڇو ته صرف ھي جنگ ھاڻي جي نه پر نسلن جي جنگ آ ـ
جيڪي اسان سنڌ جي سڀني رھواسين کي وڻڻي پوندي
چاھي ھو آبادگار استاد انجنيئر وڪيل صحافي ڊاڪٽر شاگرد کڻي ڪھڙي به شعبي سان تعلق ھجي پنھنجي حق لاء وڙھي يا لکي ڇو ته سنڌ جو ڌرياھ ڪجھ فردن تائين محدود نه آھي پر ھي سنڌ جو جياپو سنڌ جو ساھ ۽ سنڌ ۾ رھندڙ ھر فرد جو جياپو آھي ۽ سنڌ وطن جو شان ثقافت آھي سنڌ جو سھارو آھي ـ
سنڌ جو پاڻي کي سڪايو ٿو وڃي !
منھنجي اندر کي ڦٿڪايو پيو وڃي
ڪري ظلم اھڙو جو سنڌو تي !
وطن رڻ پٽ پيو ڪيو وڃي ـ
جياپو جو ذريعو پنھنجو
پاڻي ڦڙو ڦريو ٿو وڃي !
وڙھي ويا پھريون به سنڌ جا دلير !
سا جنگ ئي ورجائي پئي وڃي ـ
۽ جي اسان صرف ڪجھ ستر سال جي تاريخ ڏسنداسي ته جڏھن کان ھي ملڪ آزاد ٿيو آھي ته سنڌ پنھنجي حقن کان محروم رھي آھي . تعليمي نظام کان وٺي صحت امن امان تائين ھر بنيادي حق کان ھر ظلم جي راند رٿي وئي بس صرف ھڪ حرامي ٽولي کي چونڊن ۾ سدائين مسلط ڪري وڏيرڪي نظام کي مڙھيو ويو آھي جيڪي سدائين ڪجھ ھڪ پاسي کان ڦيراھي وري ٻي پاسي ۾ زم ڪري ھڪ ابتو انقلاب جو رنگ رچائيندا آھن ـ جيڪي انھن جا سدائين چند ٽڪن خاطر چمچا بڻيا ويٺا آھن جيڪي سنڌ جي دشمنن سان سنڌ ڌرتي سان غداري ڪري پنھنجي ماء ڌرتي جي ٿڄ کي سڪائڻ لاء گڏ آھن ـ
پر جي چئون ته شايد ھي صرف ھتي ھڪ قوم ھڪ صوبي لاء ھي ملڪ آھي بڻيو آھي !
پوء به اھوغلط نه ھوندو ـ
ڇو جو جيڪي اڄ سنڌ کان پاڻي کسڻ واري ريت رسم رٿي وئي آھي ان کان پھريون ڪيترائي سنڌ جا حق سنڌ کي ڪونه مليا آھن ـ پاڪستان ۾ پھرين نمبر تي بجيٽ ۾ حصو ڏيڻ وارو صوبو سنڌ آھي ـ پر پنھنجي بجيٽ مان به پورو حصو ڪون ملندو آھي !
جي ڪجھ ملندو آھي ته وري سنڌ تي اقتدار جا لالچي بکيا مڙھيل حڪمران پنھنجي بينڪ اڪائونٽ تائين موجود رکن ۽ انھن نمڪ حرامن جو پنھنجي ڌرتي سان ڄڻ ڪجھ وڃي ئي نه !
اھو ته صرف ھڪ اقتدار جي بڪ ۾ انڌا بڻيا ويٺا آھن
۽ صرف سنڌو جو پاڻي کسيو ان لاء ٿو وڃي جو پنجاب جو ريگستان آباد ڪري ! سنڌ ڌرتي جو سرسبز غير آباد ويران رڻ پٽ ڪرڻ لاء
افسوس
سنڌ کي پھريون به پنھنجي حق جو پاڻي ڪون مليو آھي ـ ويتر ھاڻي پنجاب ڇھ ڪئنال ڪڍي سنڌ کي مڪمل سڪائڻ جي رٿا رٿي وئي . جنھن جي لاء ھن وقت سنڌ جي سڀني غيرتمندن پٽن کي گھرجي ته وجود لاء وڙھن پنھنجو فرض ادا ڪن ڇو ته ھي صرف ھڪ فرد جو مسئلو نه سڄي سنڌ جو ايندڙن نسلن جو فيصلو آھي ان جنگ ۾ سڀني کي ھڪ ٿي ھڪ ٻي جو ساٿ ڏئي پنھنجو سنڌو بچايون ـ
0 تبصرے