English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور: ڳڙهي تيغو ۽ ڪوٽ شاهو جي ڪچي ۾ پوليس جو رينجرز سان گڏ آپريشن جاري
231 views
|
27th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڌاڙيل ايوب تيغاڻي ڏوھن جي دنيا کي الوداع ڪندي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا: ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور پوليس ۽ سنڌ رينجرز پاران ڌاڙيلن جي خلاف جاري گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن جي اھم ڪاميابي، ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جو چوڻ هو ته ڌاڙيل ايوب تيغاڻي ڏوھن جي دنيا کي الوداع ڪندي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا، ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ ۽ ونگ ڪمانڊر رينجرز جي اڳواڻيءَ ۾ ڳڙهي تيغو ء ڪوٽ شاھو جي ڪچي واري علائقي ۾ جاري آپريشن دوران، منظم ڌاڙيل گروپن جي ڌرتي تنگ ڪئي وئي آھي.ھٿيار ڦٽا ڪندڙ ڏوھاري ايوب تيغاڻي تي شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي 13 ڪيس داخل آھن پيش پيل ڏوھاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو، جن ۾ دهشتگردي، قتل، قتل جي ڪوشش ڪرڻ، ڀنگ لاءِ اغوا، ڦرلٽ ۽ چوري شامل آهي. ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ موجب ڏوھاري ڳڙهي تيغو شهر ۾ شهيد ٿيندڙ آر آر ايف (RRF) جي جوانن تي حملي جي سهولتڪاري ڪرڻ جي ڪيس ۾ به گهربل هو. ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ آپريشن ڪمانڊر ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ ڏوھارين کي واضح پيغام ڏنو آهي تہ ڏوهن جي دنيا کي ڇڏي پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪن ۽ بهتر عزت واري زندگي گذارن،پيش پوندڙ ڏوھارين کي قانوني مدد پڻ فراهم ڪئي ويندي.ڪچي جي علائقي کي ڌاڙيلن کان پاڪ ڪرڻ جو آپريشن مڪمل ڪيو ويندو. شڪارپور پوليس ۽ سنڌ رينجرز جي جنگ آخري ڌاڙيل جي خاتمي تائين جاري رهندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نظريو ڇا آهي؟ غلط ۽ درست ڪيئن قرار ڏجي؟
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ انفارميشن آفيسرن جي سينيئر صحافي ۽ ليکڪ حاجن سولنگي جي عيادت
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو نالي وارو راڳي ذوالفقار راھي لاڏاڻو ڪري ويو
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مظھر ماڊل اسڪول ڪراچي ڪيمپس ۾ استادن جو ٽيون تربيتي سيشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
0 تبصرے