ٺٽو( شفيق ڀٽي) قومپرست اڳواڻ غلام نبي کٽي جي گهر واريءَ جي وفات تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ جي تعزيت، قومپرست اڳواڻ غلام نبي کٽي جي گهر واريءَ جي وفات تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ ۽ ٻين قومي اڳواڻن تعزيت جو اظهار ڪيو. اڳواڻن غلام نبي کٽي جي گهر پهچي دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي مغفرت لاءِ دعا گهري. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي بنيادي مسئلن تي سخت موقف اختيار ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي پاڻي، زمينن، وسيلن ۽ امن تي منظم حملو ٿي رهيو آهي، جنهن خلاف قوم کي اٿي بيهڻو پوندو. صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو لڳايو پيو وڃي، 6 نوان ڪئنال سنڌ لاءِ موت جو پيغام آهن. "جيڪڏهن سنڌ جو عوام اڄ خاموش رهي ته ايندڙ نسل اُڃ ۽ بک سان مري ويندو." هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي پاڻيءَ کان محروم ڪري زراعت تباهه ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب هاري بدحاليءَ جو شڪار آهن. "هن وقت سنڌ جا درياهه سُڪائي، زرخيز زمينون بنجر بڻايون پيون وڃن. پاڻيءَ جي مسئلي تي وفاق سنڌ سان ظلم ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو." جسقم چيئرمين سنڌ ۾ زمينن تي والار تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته "سنڌ جي زمينن تي قبضي ۽ ڌارين جي آبادڪاريءَ جي پاليسي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي. سنڌ جي تاريخي جاگرافيائي سڃاڻپ مٽائڻ جي سازش ٿي رهي آهي. مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪري ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، جيڪو سنڌ لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي." هن سنڌ جي عوام کي متحد ٿي پنهنجي زمينن جي حفاظت لاءِ عملي جدوجهد ڪرڻ جي اپيل ڪئي. صنعان خان قريشي سنڌ ۾ وڌندڙ ڏوهن ۽ بدامنيءَ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ڌاڙيلن سنڌ کي يرغمال بڻايو آهي، ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن، پر حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي. "شهرن ۽ ڳوٺن ۾ خوف جو ماحول آهي، عوام غير محفوظ بڻجي ويو آهي. حڪومت جي نااهلي سبب امن امان جي بحاليءَ لاءِ ڪا به سنجيده ڪوشش نه ٿي رهي." جسقم چيئرمين چيو ته سنڌ جي وسيلن تي سنڌين جو حق آهي ۽ انهن تي قبضي خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي. "سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي ۽ بندرگاهن مان اربين رپيا ڪمائجن ٿا، پر سنڌ جو عوام بک، بيروزگاري ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهي. اسان سنڌ جي وسيلن تي قبضي خلاف هر فورم تي وڙهنداسين. سنڌ کي حق ڏيڻ بدران وفاق وسيلن تي قبضو ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو." صنعان خان قريشي سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي حقن لاءِ متحد ٿي جدوجهد ڪن. "جيڪڏهن اسين اڄ خاموش رهياسين ته سڀ ڪجهه هٿن مان نڪري ويندو. سنڌ جي وسيلن، زمين، پاڻي ۽ امن جي حفاظت لاءِ گڏجي وڙهڻو پوندو." جسقم چيئرمين واضح ڪيو ته سندس پارٽي سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ آخري حد تائين وڙهندي ۽ ڪنهن به ظلم، ناانصافي ۽ وسيلن جي ڦرمار کي قبول نه ڪندي.!
0 تبصرے