English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽالهي ۾ پاڻي جو بحران برقرار ٻن مهينن کان شير ڊسٽري ۾ شيڊيول تحت پاڻي نه پهتو
191 views
|
26th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
علائقي واسي پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان، فصلن کي نقصان، مسجدن ۾ وضوءَ لاءِ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو
ٽالهي (رپورٽر)ٽالهي ۾ پاڻي جو بحران برقرار ٻن مهينن کان شير ڊسٽري ۾ شيڊيول تحت پاڻي نه پهتو علائقي واسي پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان فصلن کي نقصان مسجدن ۾ وضوءَ لاءِ پاڻي اڻلب ٿي ويو نارا ڪئنال جي وارا بندي ختم ٿيڻ باوجود اسان وٽ ٻن مهينن کان پاڻي ڪونهي فصل سڪي ويو زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ پئيڻ جي صاف پاڻي لاءِ پريشان آهيون، علائقي واسي، پاڻي گهٽ آهي پنج کان ست ڏينهن بعد پاڻي شير ڊسٽري ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو، ايريگيشن عملدار خبر موجب سب ڊويزن نئو ڪوٽ مٺڙائو ڪينال مان نڪرندڙ شير ڊسٽري ۾ ٻن مهينن کان پاڻي ناهي پهچي سگهيو جنهن سبب علائقي واسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن انهي سلسلي ۾ آبادگارن علائقي واسين اصغر علي گرگيز شير محمد گشڪوري ڪريمداد گشڪوري ڀارمل ڪولهي ڏنو ٽنگڙي مولوي سڪندر گشڪوري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٽالهي ۽ هن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ نارا ڪئنال جي سالياني واري بندي ختم ٿيڻ جي باوجود اسان وٽ پاڻي ناهي پهتو شروعاتي ۾ گندلو ۽ بدبودار بيٺل پاڻي شير ڊسٽري ۾ ڇوڙ ڪيو ويو جيڪو پئيڻ جي لائق نه هيو جنهن سبب اسان مسلسل ٻن مهينن کان پاڻي ڦڙي لاءِ سخت پريشان ٿي ويا آهيون توڙي جو ڪيترين ئي ايڪڙن تي پوکي ٿيل چيٽي جو فصل ڪڻڪ توريو اسپنگر کي وڏي حد تائين نقصان پهتو آهي اسان جون زرخيز زمينون بنجر بڻجي ويون آهن جنهن سبب اسان کي لکين رپين جو نقصان جو خدشو آهي توڙي جو مسجدن ۾ وضوءَ لاءِ پاڻي پڻ اڻلڀ ٿي ويو آهي مختلف علائقن مان پئسن عيوض پاڻي جا ٽينڪر خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته 26 ڊسمبر 2024 کان پاڻي بند هجڻ ۽ هن بعد سب ڊويزن نئو ڪوٽ مٺڙائو ڪينال مان نڪرندڙ شير ڊسٽري کي گندلو ۽ بدبودار پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو جيڪو استعمال جي قابل نه هجڻ ڪري شهر جي مک واٽر سپلائي جي تلائن ۾ پئيڻ جو پاڻي اسٽاڪ ناهي ڪيو ويو تنهنڪري هنن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ايڪسن مٺڙائو کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته جلد کان جلد شير ڊسٽري کي شيڊيول تحت پاڻي ڏنو وڃي ته جئين علائقي واسين جون پريشانيون گهٽ ٿي سگهن ٻئي پاسي ايريگيشن عملدار انجنيئر مٺڙائو وسيم سومرو سان رابطو ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته فلحال پاڻي گهٽ آهي ۽ رڻ شاخ کي پاڻي ڏنو پيو وڃي پنج کان ست ڏينهن بعد شير ڊسٽري کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٽالهي
نارا ڪئنال
0 تبصرے