English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ اسڪارپ ايمپلائيز يونين جي سڏ تي انجنيئر خلاف احتجاج
126 views
|
18th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري وفد کي موڪلڻ بعد پاڻ به احتجاجي ڪيمپ تي پهتو
نوشهرو فيروز (ڊر) اسڪارپ ايمپلائيز يونين جي سڏ تي ڪرپشن ۾ ملوث انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري جي ڪرپشن خلاف احتجاج، احتجاجي ڪيمپ تي انجنيئر پهچي ويو ڳالهين بعد احتجاج ختم. خبر موجب اسڪارپ ايريگيشن ايمپلائيز يونين ڊويزن نوشهرو فيروز جي ملازمن طرفان مقرر ٿيل ڪرپٽ انجنيئر اسڪارپ جاويد آفتاب ٽانوري خلاف احتجاج جاري رهيو احتجاج جي اڳواڻي اسڪارپ ايمپلائيز يونين جو صدر ساگر يوسف منگي، جنرل سيڪريٽري وقار احمد لاڙڪ، فيڊريشن جي سرپرست اعلا حاجي شعيب احمد بلر، آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن جي محمد يعقوب وڳڻ، محمد خان مشوري، محبتي ملاح، قاضي اعجاز ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نوشهرو فيروز ۾ ڪرپشن جي بي تاج بادشاهه ۽ نيب زده انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري کي هر دفعي بجيٽ هڙپ ڪرائڻ لاءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو، سندس اچڻ شرط اسڪارپ ڪالوني جي لاءِ آيل ڪروڙين روپيا ڪڍرائڻ لاءِ ڪوڙا ووچر ٺهرائي آيل بجيٽ ڪڍي رهيو آھي پمپ اسٽيشنن جي لاءِ آيل 8 ڪروڙ پڻ ڪوڙا ووچر ٺهرايا آھن بدقسمتي اها آھي جو جڏهن به اسڪارپ جي بجيٽ ايندي آھي ته جاويد آفتاب ٽانوري انجنيئر بدلي ڪرائي پمپ اسٽيشنن لاءِ آيل بجيٽ جو صفايو ڪري ڇڏي ٿو، اسڪارپ جي رهائشي ڪالوني جا ڪوارٽر زبون ٿي ويا آھن انھن جي مرمت لاءِ آيل پئسا به ڳڙڪائي ٿو وڃي ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ به ڪو پلانٽ ناهي رڳو ڪوڙن ووچرن ۾ بل ٺاهي بجيٽ جي صفائي ٿي رهي آھي. ٻئي طرف ايمپلائيز يونين جي احتجاجي ڪيمپ تي انجنيئر جي طرفان ڳالهين جي لاءِ ايس ڊي او احمد خان ڪاڪيپوٽو، ايس ڊي او مخدوم اياز علي ۽ هيڊ ڪلارڪ فيض محمد عالماڻي پهتا انهن کي يونين اڳواڻن اهو چئي موٽائي ڇڏيو ته اسان انجنيئر خلاف احتجاج ڪري رهيا آھيون ان لاءِ اوهان سان ڳالهيون نه ٿينديو ان بعد وفد واپس ويو ٻيهر انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوي پنهنجا آفيسر ساڻ ڪري احتجاجي ڪيمپ تي پهتو کين احتجاج ختم ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته اوهان جا مطالبا جائز آھي ڊويزن جي بجيٽ ڊويزن تي خرچ ٿيندي خراب ٿيل ٽيوبيلز ۽ پمپ اسٽيشنن کي فعال ڪبو، هڪ گهر جا ڀاتي آھيو غلطيون انسان کان ئي ٿينديو آھن ان ڪري يونين طرفان پيش ڪيل تسليم ڪيان ٿو ان بعد يونين اڳواڻ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري
نوشهروفيروز
0 تبصرے