محمد آفتاب رحمان 212 ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو، ڊائريڪٽر جي عهدي تي فرحان صديقي 212 ووٽ ڪاميابي ماڻي
ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي اسڪيم 33 ميرٺ سوسائٽي جي سالياني چونڊن ۾ مرشد پينل جي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي چونڊ نتيجن موجب صدر جي عهدي تي محمد آفتاب رحمان 212 ووٽ کڻي ڪامياب محمد راشد کي 129 ووٽ مليا ڊائريڪٽر جي عهدي تي فرحان صديقي 212 ووٽ محمد ظفير عالم 214 شجاعت علي 214 شڪيل احمد جان 204 ووٽ کڻي اڲتي عدنان ظهير 114 آغا محمد سليمان 118 ووٽ محمد راشد 12 ڪاشف سرور 115 ذيشان سليم کي 114 ووٽ مليا ان موقعي تي سوسائٽي جي ميمبرن ٻڌايو ته ڊاڪٽر مرشد پينل سوسائٽي ۾ سٺو ڪم ڪري رهيو آهي ان جي ڪري ان جي حمايت ڪريون ٿا هنن چيو ته اسان جي سوسائٽي ۾ ڊاڪٽر مرشد جي پينل پاڻي گيس بجلي جهڙا مسئلا حل ڪرايا آهن اسان جي گهٽين ۾ پيور بلاڪ هنيا اسان ان جي ڪري انهن کي ووٽ ڏيون ٿا جيڪي علائقي جي فلاح بهبود لأ ڪم ڪن ٿا اليڪشن دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، يار محمد شاهاڻي سميت علائقي جي معززين پهچي مرشد پينل جي ڪامياب اميدوارن کي واڌايون پيش ڪيون
0 تبصرے