مهانگائي جي هن دور ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ عوام لاءِ نعمت کان گهٽ ناهي: محمد علي ملڪاڻي

سجاول ۾ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي پاران طبي ڪيمپ جو افتتاح

مهانگائي جي هن دور ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ عوام لاءِ نعمت کان گهٽ ناهي: محمد علي ملڪاڻي

سجاول (رپورٽر) صوبائي وزير لائيواسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي نيشنل پريس ڪلب سجاول پاران لمس جي ڊاڪٽر سنتوش ڪمار جي سھڪار سان مورڙو مرڪز ۾ سجاول شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقي واسين کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ لڳايل ھڪ روزه ميڊيڪل ڪيئمپ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته مهنگائي جي هن دور ۾ فري ميڊيڪل ڪيمپ هتان جي عوام لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي، ان قسم جون فري ميڊيڪل ڪيمپون ضلعي جي ٻين شهرن خاص طور تي ساحلي ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ پڻ لڳائڻ گهرجن ته جيئن غريب ۽ عام عوام کي ان سهولت مان وڌ کان وڌ فائدو ملي سگهي. هن چيو ته اصل خدمت انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي، نيشنل پريس ڪلب سجاول پاران لمس جي تعاون سان سجاول ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪرڻ هڪ بهترين قدم ۽ ساراھ جوڳو عمل آهي ، جنهن سان ضلعي جي سوين غريب مريضن کي فائدو حاصل ٿيندو.ان موقعي تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، صحافي برادري ۽ علائقي جا معززين پڻ موجود هئا. واضح رهي ته سجاول ۾ لڳايل مفت جنرل ميگا ميڊيڪل ڪيمپ ۾ سجاول، ڪراچي ۽ حيدرآباد جا مختلف بيمارين جهڙوڪ چمڙي، خارش، پيٽ جي بيمارين، اک، ڪن، نڪ، گلو، معدو، جگر، ٻارڙن جي بيمارين، دل، دماغ، ڦڦڙن، گُڙدن، نفسياتي بيمارين، ھڏن، ڏندن، ڇاتي، زناني بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪري مفت دوائون پڻ ڏنيون ، جڏهن ته هيپاٽائيٽس بي، سي ۽ ٻين مختلف بيمارين جون مفت ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون