عمرڪوٽ ۾ نگران اول دعوت اسلامي مرحوم محمد زاهد ناصر خان عطاري جي پهرين سالانه فاتحه خواني

عمرڪوٽ ۾ نگران اول دعوت اسلامي مرحوم محمد زاهد ناصر خان عطاري جي پهرين سالانه فاتحه خواني

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) نگران اول دعوت اسلامي مرحوم محمد زاهد ناصر خان عطاري جي پهرين سالانه فاتحه خواني جي تقريب اڄ عمرڪوٽ ۾ عقيدت ۽ احترام سان منقعد ٿي، هن اهم موقعي تي مختلف مذهبي شخصيتن، معززين ۽ عوامي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي روح جي ايصال ثواب لاءِ دعائون گهريون، تقريب جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ مختلف مذهبي شخصيتن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي قبله پير ايوب جان سرهندي فاروقي، عبد الحليم جان سرهندي، سيد صفدر حسين شاهه، بابو ڀائي، علامه نظر محمد درس، شوڪت علي اڌيپوري ۽ ٻين مذهبي اڳواڻن انهن جي اسلامي معاشرتي خدمتن کي خراجِ تحسین پيش ڪيو، ھنن چيو ته مرحوم جي زندگي دين اسلام جي ترويج ۽ مسلمانن ۾ محبت ۽ ڀائچاري جي فروغ لاءِ وقف هئي، قبله پير ايوب جان سرهندي فاروقي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته محمد زاهد ناصر خان عطاري جي شخصيت هڪ مثال هئي جنهن پنهنجي سڄي زندگي دعوت اسلامي جي مقصد لاءِ صرف ڪئي، هن هميشه ماڻهن کي اسلامي تعليمات جي روشني ڏيکاري ۽ معاشرتي بهتري لاءِ ڪم ڪيو، سيد صفدر حسين شاهه پڻ مرحوم جي حوالي سان اظهار خيال ڪندي چيو ته دعوت اسلامي جي نگران اول جي شخصيت هميشه ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهندي، انهن جون خدمتون ۽ انهن جو اسلامي معاشرتي ڪردار انهن کي عوام جي دلين ۾ هڪ خاص مقام ڏئي ڇڏيو هو، تقريب دوران قرآن خواني جو پڻ اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي ۽ دعا ڪئي ته اللہ تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ انهن جي درجات بلند ڪري، ان کان علاوه شرڪاءَ دعائن ۾ حصو ورتو، هن سالانه فاتحه خواني جي تقريب نه صرف مرحوم جي روح کي سڪون پهچايو، پر دعوت اسلامي جي خدمتن ۽ ان جي فروغ جي عمل کي پڻ اجاگر ڪيو.