English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي تي ريليون ڪڍيون ويون
views
|
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ، ٺٽو، سانگهڙ، نوشهروفيروز، ٽنڊو آدم ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪيون ويون، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو
ڪراچي(رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي تي ريليون ڪڍيون ويون، عمرڪوٽ، ٺٽو، سانگهڙ، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪيون ويون، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو، ٺٽي ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان گورنمينٽ بوائز ڪيمپس اسڪول مخدوم ابوالحسن ٺٽوي مڪلي ۾ ھڪ معلوماتي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ استادن ۽ شاگردن مادري ٻولين جي اھميت تي ڳالھايو. تقريب کي سينيئر استاد، معروف شاعر اديب عبدالحميد مھراڻوي، محمد صفدر ٺٽوي ۽ بين خطاب ڪندي ٻڌايو ٻار جي پهرين درسگاھ ماءُ هوندي آهي هو پنهنجي ٻار کي دنيا جي ٻين طور طريقن سميت ڳالهائڻ به سيکاري ٿي. جيستائين ٻار ۾ ڳالهائڻ جي سگهه ۽ لفظن جي صحيح ۽ مناسب استمعال جي سمجهه اچي، فيبروري جي 21 تاريخ تي اقوام متحده پاران نيئن ٿيم هيٺ مادري ٻولي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو. اها عام فهم جي ڳالهه آهي ته عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته ان موضوع کي سماج ۾ اجاگر ڪرڻ آهي، جيڪي پنهنجي قيمتي شيءِ جي ملهه کان اڻڄاڻ آهن ھنن وڏيڪ چيو ٻولي سان لاڳاپيل فردن کي تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي ٿي. ٻولي هر قوم ۽ سماج لاءِ ساهه جي حيثيت رکي ٿي، تنهنڪري ٻولي نھ صرف ڳالھائڻ جو هڪ ذريعو آھي پر ٻولي قومن ۽ سماجن جي سڃاڻپ پڻ آھي. ٻولي جي ذريعي نھ صرف اسان پنھنجا جذبا، خيال، نظريا، ڳالھيون وغيرھ هڪ ٻئي سان ونڊيون ٿا يا بيان ڪريون ٿا پر ٻولي اسان جي شخصيت، اخلاق، ريتن رسمن، اٿڻي ويھڻي کي پڻ ظاھر ڪري ٿي. ھن موقعي تي شاگردن پنهنجي مادري ٻولين ۾ سنڌي، اردو، پشتو، سرائيڪي، پنجابي بنگالي ۾ شاعري پڻ پيش ڪئي. ٻي طرف مادري ٻولين جي عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوآدم پاران مرڪزي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي ۽ ساس ٽنڊوآدم جي سيڪريٽري محمد اخلاق ورياھه جي اڳواڻيءَ ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي، سگا شاخ ٽنڊوآدم جي صدر غلام قادر ڀچو، ايس يو پي جي ڪامريڊ محمد خان پنهور، باغي مجاهد ٿهيم، شفيع محمد ساند، ن ليگ اڳواڻ رئيس انور علي خان مري، فنڪشنل ليگ اڳواڻ رئيس حبيب خان مري، پروفيسر ياد حسين شيخ، پروفيسر ذوالفقار جتوئي، پروفیسر سڪندر ملوکاڻي، منير چنا، پ ٽ الف اڳواڻ لکا ڏنو خاصخيلي، جانڻ سنڌي، عبدالڪريم جوڻيجو، ڊاڪٽر هدايت الله ڪيريو، عبدالغفور ڪيريو، پير غلام حيدر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي مقررین چيو ته سنڌي ٻولي پنج هزار سال پراڻي تهذيب رکي ٿي، جيڪا صدين کان شاهوڪار ٻولي رهي آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته نئين نسل کي سنڌي پڙهائڻ بدران سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ انگريزي ٻوليءَ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ سان ناانصافي آهي. مقررین چيو ته انگريز دور تائين سنڌي قومي ٻولي طور تسليم ٿيل هئي، جڏهن ته اقوام متحده جي آئين مطابق جنهن قوم جي پنهنجي ڌرتي ۽ رسم الخط هجي، ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ گهرجي. سندن وڌيڪ چوڻ هو ته مختلف ملڪن جا سربراهه پنهنجين قومي ٻولين ۾ ڳالهائيندا آهن ۽ ٻين سان رابطو ڪرڻ لاءِ ترجميڪار ساڻ کڻي ايندا آهن، جيڪا پنهنجي ٻوليءَ سان محبت جو ثبوت آهي. ان موقعي تي مقررین مطالبو ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ کي فوري طور قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن ايندڙ نسل پنهنجي ٻوليءَ تي فخر ڪري سگهي. هوڏانهن ٻولين جي عالمي ڏينهن تي سنڌي ادبي سنگت ضلع نوشهرو فيروز ۽ شاخ نوشهرو فيروز پاران مهراڻ پارڪ کان ريلي ڪڍي ويئي، جنهن ۾ س اس جي ضلع رابطہ سيڪريٽري ايم ظفر تڳر، سيڪريٽري شاخ نوشهرو فيروز امجد ميمڻ، يونس راڄپر، علي نواز سولنگي، ضمير حسين وسطڙو، عتيق الرحمان وسطڙو، شاهد خانزادو، خالد چانڊيو، ماجد تڳر، شڪيل وسطڙو، مرتضيٰ سومرو سميت ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته ٻولين جي عالمي ڏينهن تي اسان جو مطالبو آھي ته هزارين سال پراڻي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن جديد دور ۾ سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ماڻي سگهي. هنن چيو هندستان ۾ سنڌي ٻولي سميت ڪافي قومي ٻوليون قومي ٻولي جو درجو حاصل ڪري چڪيون آھن پر هتي قديمي ٻولين کي قومي جو درجو نٿو ڏنو وڃي جيڪا قومن سان ويساهه گهاتي آهي اها بند ڪري قومن کي پنهنجو حق ڏنو وڃي ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. ٻي طرف مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران (روحل واءِ) عمرڪوٽ جي ماما جمن دربدر لائبريري ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي عنوان سان ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عورت جوائنٽ سيڪريٽري خالده منير، ناليواري شاعر حاجي ساند، ايڊووڪيٽ گل منير ولھاري، سگھڙ جمن دربدر ۽ ٻين ڳالھائڻدي چيو ته موجوده حالتن ۾ دنيا جي مختلف ٻولين جي بقا وڏو مسئلو ٿي اڀري رھيو آھي، اھڙي صورتحال ۾ اھي ٻوليون ئي بچي سگھنديون جن جا ادبي ۽ ثقافتي بنياد سگھارا ھوندا. سنڌي ٻولي تاريخي طور انتھائي خوشحال ۽ پائيدار ماضي رکندڙ آھي ليڪن جديد ٽيڪنالاجي، سنڌ ۾ ٻين قومن ۽ ٻولين جي يلغار، سنڌ جي ادارن ۾ سنڌي ٻولي جي مالڪي نه ھجڻ سميت مختلف سببن جي ڪري سنڌي ٻولي جي بقا پڻ خطري ۾ آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته سرڪاري سطح تي خصوصي اپاءَ وٺڻا پوندا، تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي ۾ تعليم يقيني بڻائي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
اپوزیشن جماعتوں کا حکومت مخالف اتحاد کو مزید وسعت دینے کا فیصلہ
21st Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
22فيبروري, اسڪائوٽن جو عالمي ڏينهن
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
حکومتِ سندھ اور آکسفورڈ پاکستان پروگرام کی جانب سے سندھ کے طلباء کے لئے آکسفورڈ یونیورسٹی میں گریجویٹ اسکالرشپس کا اعلان
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
چیف جسٹس سے تحریک انصاف کے وفد کی ایک گھنٹے طویل ملاقات
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
پيروسڻ ۾ نوجوان ناري پاران پنهنجي پيءُ تي جنسي زيادتي جو الزام، ڪيس داخل
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو قومي شاهراهه تي حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي ٿي پيا
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڇهه ڪئنال سنڌ جي تباهي آهن: سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
سينئر سياستدان نوان يوسف ٽالپر جو ٽيجهو، سياسي سماجي شخصيتن جي شرڪت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
مادري ٻولين
0 تبصرے