English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ تحريڪ جاري، سانگهڙ ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ريلي
120 views
|
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
محمد اخلاق ورياھه جي اڳواڻيءَ ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئ
سانگهڙ (حسنين عاشق ساند) مادري ٻولين جي عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوآدم پاران مرڪزي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي ۽ ساس ٽنڊوآدم جي سيڪريٽري محمد اخلاق ورياھه جي اڳواڻيءَ ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي، سگا شاخ ٽنڊوآدم جي صدر غلام قادر ڀچو، ايس يو پي جي ڪامريڊ محمد خان پنهور، باغي مجاهد ٿهيم، شفيع محمد ساند، ن ليگ اڳواڻ رئيس انور علي خان مري، فنڪشنل ليگ اڳواڻ رئيس حبيب خان مري، پروفيسر ياد حسين شيخ، پروفيسر ذوالفقار جتوئي، پروفیسر سڪندر ملوکاڻي، منير چنا، پ ٽ الف اڳواڻ لکا ڏنو خاصخيلي، جانڻ سنڌي، عبدالڪريم جوڻيجو، ڊاڪٽر هدايت الله ڪيريو، عبدالغفور ڪيريو، پير غلام حيدر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي مقررین چيو ته سنڌي ٻولي پنج هزار سال پراڻي تهذيب رکي ٿي، جيڪا صدين کان شاهوڪار ٻولي رهي آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته نئين نسل کي سنڌي پڙهائڻ بدران سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ انگريزي ٻوليءَ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ سان ناانصافي آهي. مقررین چيو ته انگريز دور تائين سنڌي قومي ٻولي طور تسليم ٿيل هئي، جڏهن ته اقوام متحده جي آئين مطابق جنهن قوم جي پنهنجي ڌرتي ۽ رسم الخط هجي، ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ گهرجي. سندن وڌيڪ چوڻ هو ته مختلف ملڪن جا سربراهه پنهنجين قومي ٻولين ۾ ڳالهائيندا آهن ۽ ٻين سان رابطو ڪرڻ لاءِ ترجميڪار ساڻ کڻي ايندا آهن، جيڪا پنهنجي ٻوليءَ سان محبت جو ثبوت آهي. ان موقعي تي مقررین مطالبو ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ کي فوري طور قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن ايندڙ نسل پنهنجي ٻوليءَ تي فخر ڪري سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي ٻولي
سانگهڙ
سنڌي ادبي سنگت
0 تبصرے