English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ويجهو پورهيت کان ڦر، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ متاثرن جواحتجاج
views
|
19th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
هٿياربند موٽرسائيڪل، 16 هزار رپيا، 2 بوسڪي جون ڊريسون ۽ ٻيو سامان ڦري ويا: اظهر جوڻيجو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد گهانگهرڪو پوليس چونڪي وٽان ون ٽو فائيو تي پويان آيل ٽن نامعلوم ڦورن پورهيت اظهر علي جوڻيجو کان سي ڊي موٽر سائيڪل ماڊل 2021 روڪ رقم سورنهن هزار، ٻہ اصل بوسڪي جون ڊريسون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اهڙو اطلاع ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي، ساڳي هنڌ ڦرجي ويل اظهر علي جوڻيجو سندس پيء حافظ نظر محمد جوڻيجو غلام ياسين جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، قريل سامان واپس ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو، ان موقعي تي اظهر علي جوڻيجو، صحافين کي تفصيل ڏيندي ٻڌايو تہ مان صبح جو ڏوڪري پنهنجي درزڪي دوڪان تي ڪم لاء اچي رهيو هيس تہ گهانگهرڪي پوليس چئوڪي وٽان ون ٽو فائيو تي آيل ٽن نامعلوم ڦورن مونکي راڌڻ وايا ڏوڪري روڊ تي بيهاري سي ڊي موٽر سائيڪل ماڊل 2021، ٻہ عدد اصل بوسڪي جون اڻ سبيل ڊريسون، سورنهن هزار روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، هن چيو مونکي ڦرڻ دوران مار ڪٽ بہ ڪئي، جنهن جو اطلاع ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي، هوڏانهن سندس پيء نظر محمد جوڻيجو ۽ غلام ياسين جوڻيجو چيو تہ ڏوڪري تعلقي جا سڀ روڊ رستا ڏوهارين جي ميراث بڻجي ويا آهن، جنهن ڪري امن امان جي صورتحال وڌندي پئي وڃي جڏهن تہ علائقا نوگو ايريا بڻجندا پيا وڃن، هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊي ايس پي ڏوڪري سميت ايس ايڇ او ايئرپورٽ کان مطالبو ڪيو تہ پورهيت اظهر علي جوڻيجو کان ڦر ٿيل سامان ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اسٽيل ملز ملازمن جا وکري ويل خواب ۽ زوال جو شڪار اجڙي ويل گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جا رھواسي ..!!
23rd Oct 2025
•
سندھ
سلمان اکرم راجہ سے رانا محمد اعظم کی ملاقات،سیاسی و تنظیمی امور پر تبادلہ خیال
23rd Oct 2025
•
دنیا
صدر ڈونلڈ ٹرمپ نے خبردار کیا ہے کہ اگر اسرائیل نے مقبوضہ مغربی کنارے کو ضم کرنے کی کوشش کی تو وہ امریکا کی حمایت سے ہاتھ دھو بیٹھے گا۔
23rd Oct 2025
•
پاکستان
قومی خزانے میں 1.10 ٹریلین کی ریکوری — نیب کا کہنا ہے یہ آمدنی میں تاریخی اضافہ ہے
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ رمضان موروجو واسين جو احتجاجي مظاهرو
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڏيڍ سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ نامور ليکڪ، اديب ۽ سماجي شخصيت پارومل پريمي پاران ڏياري جي موقعي تي پارٽي جو اهتمام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
0 تبصرے