سنڌو درياھ ھليو ويو تہ لکين ڪروڙين ماڻھو بک، بدحالي ۽ تباھي جو شڪار ٿي ويندا: اياز لطيف پليجو

واهي پانڌي ۾ اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف پيادل مارچ ۽ ڌرڻو

سنڌو درياھ ھليو ويو تہ لکين ڪروڙين ماڻھو بک، بدحالي ۽ تباھي جو شڪار ٿي ويندا: اياز لطيف پليجو

جوھي (رپورٽر) واھي پانڌي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪاڇي ۽ واھي پانڌي جي زمينن تي والار خلاف ھزارين ماڻھن سان گڏ ڳوٺ دودو برھماڻي کان پيادل مارچ ڪري واھي پانڌي شھر جو گشت ڪري گورڪ موڙ وٽ ڌرڻو ھنيو. پيادل مارچ ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي دادو جو صدر ايڊووڪيٽ مير کوسو، سومر چانڊيو، ايڊووڪيٽ منور جتوئي، سنڌياڻي تحريڪ جي امير زادي برھماڻي، عذرا رند، ڪشف سولنگي، روزينا جتوئي،گل بھار رستماڻي، گل حسن برھماڻي، باغي بشير برھماڻي، ذوالفقار برھماڻي، امين وگھيو، قربان کوکر، ھارون پنھور ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا. پيادل مارچ کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ چولستان سميت 6 نوان ڪئنال سنڌ تي حملو آھن. سنڌو درياھ ھليو ويو تہ لکين ڪروڙين ماڻھو بک، بدحالي ۽ تباھي جو شڪار ٿي ويندا. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي سان زمينن تي والار، مھانگائي ۽ معاشي بدحالي ايندي. سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي، احتجاجن کي نظرانداز ڪري چولستان ۾ ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي افتتاح جي مذمت ڪريون ٿا. سنڌ کي ديوار سان نہ لڳايو. سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي. ملڪ ۾ جمھوريت جي نالي ۾ آمريت آھي. سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ احساسي محرومي جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. وفاق ۽ سنڌ حڪومت طاقت جي نشي ۾ ملڪ جون پاڙون اکيڙي رھيا آھن. پيڪا آرڊيننس ڪارو قانون آھي. شفاف عدليه کان خوفزده حڪمران ان کي ڪنٽرول ڪري رھيا آھن تہ جيئن مرضي جا فيصلا وٺي سگھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڪاڇي، واھي پانڌي، گورک سميت سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪيا وڃن. سنڌو درياھ جو پاڻي روڪڻ سان سنڌ جي زراعت ۽ زندگي ختم ٿي ويندي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رھندڙ 10 ڪروڙ سنڌي ماڻهو پنهنجي سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙھندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪري سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش آهي. گرين پاڪستان منصوبو سنڌ جي زمينن تي قبضن جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. بنگالين، بھارين، برمين، افغانين سميت غير قانوني پرڏيھين کي شناختي ڪارڊ ڏئي سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي پنھنجي پٽ کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ سنڌو درياھ، لکين ايڪڙ زمين ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي رھيو آھي. سنڌ اسيمبلي جا 170 ايم پي اي ڇو خاموش آھن. چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ٺھڻ وقت چيو ويو تہ اھي صرف ٻوڏ دوران سنڌ جي منظوري کان پوء کوليا ويندا پر ھاڻ سڄو سال سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي ڪئنال وھايا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ گريٽر ٿل ڪئنال ڌاڙيل واھ آھي. سمورا ڌاڙيل منصوبا پيپلز پارٽي جوڙيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 176 ڪلوميٽر ڊگهو ڪئنال ٺاھڻ جي سنڌ دشمن سازش آھي، پنجاب ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. پنجاب ڪالاباغ جو خوفناڪ پلاند ڪري رھيو آھي. چولستان ڪئنال نڪرڻ کانپوءِ ڪراچي کان ڪشمور تائين پيئڻ جو پاڻي بہ نہ ملندو ۽ سنڌ ڏڪار جي ور چڙهي ويندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي جي جدوجھد جياپي جي جدوجھد آھي. ھي ڪروڙين ماڻھن جي زندگين جو مسئلو آھي. پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ ڪروڙين ماڻھن جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آھن. سنڌ جي وسيلن جي قيمت ادا ڪئي پئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياءَ اسان ڪنهن کان تحفي ۾ نہ ورتو آهي ھي سنڌ ڪنهن کان کسي نہ ورتي آهي ھي ھزارين سالن کان اسان جو تاريخي وطن آھي. سنڌو درياھ ۽ سنڌ اسان جي آھي. اسان جي ايندڙ نسلن جا آھن سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڪئنال قبول نہ آهي، نہ ئي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪرڻ ڏينداسون. برابري، رواداري، امن ۽ انصاف کانسواءِ ڪو بہ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگھي. پيئڻ جو پاڻي ۽ زراعت جو پاڻي بنيادي انساني حق آھي. زرعي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر نہ بنايو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪئنالن جي تعمير سان سنڌ جي زراعت ۽ روزگار جا رستا بند ٿي ويندا. سنڌ جي اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبن جي منظوري ڇو ڏني. سنڌ ۾ زراعت، صنعت، تعليم ۽ گورننس تباھ ٿي چڪا آھن. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء تعصب پرست ادارا ثابت ٿيا آھن. سنڌ جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار سنڌو درياھ تي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڀڙڀانگ بنائڻ 7 ڪروڙ سنڌين سان دشمني ھوندي. پارليامينٽ ۽ سي سي آء سنڌ جي پاڻي کان لاتعلق آھن. ٻن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ گورننس ۽ روزگار جو شديد بحران آھي. گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن ۽ پاڻي تي قبضو بند ڪيو وڃي. سنڌ جي وسيلن ۽ معدنات کي بيدردي سان لٽيو پيو وڃي. 30 سالن کان 1991 ايڪٽ تحت سنڌ کي پاڻي نہ پيو ملي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نہ پيو ڇڏيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا سخت متاثر ٿي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سي سي آئي، واپڊا، پلاننگ ڪميشن ۽ نيپرا ۾ سنڌ جي نمائندگي نہ ھجڻ برابر آھي. زرداري سنڌ جي دولت ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي. وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جي شڪايت ٻڌن ۽ ان جو ازالو ڪن. سنڌ جو عوام پاڻي، زمينن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نہ ڪندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو درياء بچائڻ لاء پنھنجي جانين جو نذرانو ڏيندا. ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضن خلاف ھي عارضي يا ھڪ ڏينھن جي جدوجهد ناهي. مسلسل اڻٿڪ ۽ طويل جدوجھد جاري رکڻي پوندي. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي تباھ ۽ برباد نہ ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ دشمن منصوبا رد نہ ٿيا تہ ڪراچي کان ڪشمور تائين ھر ڪلو ميٽر تي مزاحمت ڪنداسين. سنڌ جا ايم پي اي، ايم اين ايز ۽ سينٽر زمينن تي والار ۽ ڪينالن خلاف خاموش آهن. اٽي، لٽي ۽ اجھي جا ڪوڙا نعرا ھڻي سنڌين سان دوکو ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اتر سنڌ ڌاڙيلن حوالي آھي،وزير منشيات ۽ ڏوھارين جا سرپرست آھن. ميرٽ تباھ ڪري نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ڪيون پيون. ڪرپشن ڪري سنڌ جو پئسو ٻاھر منتقل ڪيو پيو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي غلط پاليسن جي ڪري سنڌ عذاب مان گذري رهي آهي سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي تيل، گئس، ڪوئلو سميت ٻي معدنيات آهي زراعت، سمنڊ، جبل، درياء ۽ بندرگاھ آهن اھڙن ڌرتي وسيلن وارا رياستون ۽ ملڪ ترقي يافته ۽ خوشحال آهن پر سنڌ جو عوام بدحال ۽ 17 سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي جا حڪمران خوشحال آهن. پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ وزيرن، مشيرن ۽ زرداري ٽولي سنڌ مان اربين روپيا ڪرپشن ذريعي لٽي دبئي آمريڪا، لنڊن ۽ ٻين ملڪن لاءِ منتقل پنهنجي بي پناھ دولت ٺاهي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ شھيد نظيران برھماڻي جو قتل واھي پانڌي جو وڏو سانحو آھي، قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري متاثر خاندان کي انصاف ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور ثابت ٿي آهي. اقتدار کان اڳ ۾ نمائشي طور سنڌ جي حقن جون ڳالھيون ڪندا آهن ۽ جڏهن پيپلزپارٽي کي اقتدار ملندو آهي تہ سنڌ وسري ويندي آهي. سنڌ سان ھر دور ۾ دوکو ڪيو ويو آهي. پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري سنڌو درياھ، ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون، ٻيٽ، ڪارونجھر ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. مارچ کي قومي عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ مير کوسو، سومر چانڊيو، ايڊووڪيٽ منور جتوئي، سنڌياڻي تحريڪ جي امير زادي برھماڻي، عذرا رند، ڪشف سولنگي، روزينا جتوئي، گل بھار رستماڻي، گل حسن برھماڻي، باغي بشير برھماڻي، ذوالفقار برھماڻي، امين وگھيو، قربان کوکر، ھارون پنھور ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.