ٺٽي ۾ صحافي حفيظ نهڙيو تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺٽو پوليس شھرين جو جيئڻ جنجال بڻائڻ بعد صحافين خلاف ڪارروائيون شروع ڪيون آهن: قلم ڌڻي

ٺٽي ۾ صحافي حفيظ نهڙيو تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺٽو( ڊر) عوامي پريس ڪلب مڪلي پاران عوامي پريس ڪلب جي ميمبر صحافي حفيظ نھڙيو تي داخل ھٿ ٺوڪي ڪيس توڙي ٺتو پوليس جي زيادتين خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو پريس ڪلب مڪلي تي عوامي پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو، جنھن ۾ پريس ڪلب مڪلي جي صحافين پڻ ڀرپور نموني شرڪت ڪري کين مڪمل حمايت جي يقين دھاني ڪرائي ڇڏي، احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي صحافي بلاول سمون، احمد خشڪ، اعجاز واريو، سيد گل شاھ ۽ بين چيو تہ ٺٽو پوليس شريف شھرين جو جيئڻ جنجال بنائڻ سان گڏ ھاڻي صحافين خلاف بہ انتقامي ڪاروايون جاري ڪري صحافي حفيظ نھڙيو تي بہ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جنھن عمل جي جيتري بہ مذمت ڪجي اھا گھٽ اھي، ھنن چيو تہ سموري منشيات ۽ جوا جا اڏا بہ پوليس جي سرپرستي ۾ ھلي رھيا آھن، پوليس انھن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء شريف شھرين جو جيئڻ جنجال بنائي رھي اھي، ھنن ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گھر ڪئي تہ ھن معاملي جي جانچ ڪرائي صحافي تي داخل ڪيس ختم ڪري شھرين ۽ صحافين کي پوليس زيادتين مان نجات ڏياري وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.