English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ريلوي اسٽيشن ميٽينگ لڳ ٽريڪ ويجهو ڪوئلي جي خطرناڪ کوٽائي جاري
views
|
31st Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڪوئلي جي کوٽائي سبب ريلوي ٽريڪ کي نقصان پھچڻ جو خطرو، اعليٰ اختيارين نوٽيس نه ورتو
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ٺٽي ضلعي جي اخري حد واري ريلوي اسٽيشن ميٽينگ لڳ ريلوي ٽريڪ ويجهو ڪوئلي جي خطرناڪ کوٽائي جاري آھي، جنھن ڪري ريلوي ٽريڪ کي نقصان پھچڻ جو انديشو وڌي ويو آھي، پر اڃان تائين پاڪستان ريلوي جي اعليٰ اختيارين ھن جو ڪوبہ نوٽيس ناھي ورتو، ان سلسلي ۾ ڪوھستان جي سماجي اڳواڻ محمد بخش بروھي ۽ ٻين چيو آھي تہ ڪوھستاني پٽي معدنيات سان مالا مال آھي، جتي ڪوئلي جي کاڻين مان ڪوئلو ڪڍڻ جو سلسلو پڻ جاري اھي، محمد بخش بروھي ۽ ٻين انڪشاف ڪندي چيو آھي تہ تعلقي ٺٽي جي ريلوي اسٽيشن ميٽنگ جي ويجھي وارن علائقن ۾ ريلوي ٽريڪ جي بلڪل ويجھو بااثر ٺيڪيدارن پاران غير قانوني ۽ خطرناڪ ڪوئلي جي کوٽائي تيزي سان جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب زمين دٻجڻ سان گڏ ريلوي ٽريڪ کي سخت خطرو لاحق ٿي ويو آهي. جنھن تي مڪاني ماڻهن سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آھي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو ريلوي ٽريڪ جا بنياد ڪمزور ٿيندا پيا وڃن. ھنن چيو تہ ڪوئلي جون کاڻيون ريلوي لائين جي بلڪل ويجھو آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ته ٽريڪ جي هيٺان به وڃي رهيون آهن، جنهن سبب زمين اندر کان خالي ٿي رهي آهي. سماجي اڳواڻ محمد بخش بروھي وڌيڪ چيو تـہ اسان روز ڏسون ٿا ته زمين ويهڻ شروع ٿيڻ ڪري ريلوي ٽريڪ جو بنياد ڪمزور ٿيندو پيو وڃي، ان صورتحال ۾ جيڪڏهن ٽرين تيز رفتاري سبب گذري ٿي تہ زمين ويھڻ ڪري وڏو حادثو پيش اچي سگھي ٿو، ھنن چيو تہ هن مسئلي بابت ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏنو ويو آھي، پر انتظاميہ ڪوبه قدم کڻڻ لاء تياي ناھي، هنن چيو سندن علائقي ۾ جيڪا ڪوئلي ڪڍڻ لاء کوٽائي ٿي رھي آھي، اھا غير قانوني طريقي سان ٿي رهي آهي، جنھن ۾ ڪوبہ حفاظتي بندوبست ٿيل ناھي، جنھن ڪري مڪاني رهاڪن توڙي ريل گاڏين ۾ سفر ڪندڙ ماڻھن جي زندگين کي خطرو آهي. جيڪڏهن فوري طور تي هنن سرگرمين کي نه روڪيو ويو ته اهو ڪنهن وڏي سانحي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هنن حڪومت ۽ ريلوي کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فورن ڪوئلي جي غير قانوني کوٽائي کي بند ڪري ريلوي ٽريڪ کي محفوظ بڻايو وڃي. ياد رھي تہ ھن کان اڳ بہ ڪوئلي جي کاڻين ۾ سھولتون نہ ھجڻ ڪري ڪيترائي پورھيت فوت ٿيڻ سميت معذور بڻجي ويا اھن، جن جي بہ ڪير مالڪي ڪرڻ يا انھن جي خاندانن جي سارسنڀال لھڻ وارو ناھي، ان ڪري پاڪستان ريلوي توڙي ٻين اختيارين کي گھرجي تہ ھن طرف ڌيان ڏيئي ريلوي ٽريڪ کي امڪاني نقصان کان بچائي ريلوي لائين کان پري ڪوئلي جي کوٽائي قانوني طريقي سان ڪري ڪم ڪندڙ پورھيتن کي گھربل سموريون سھولتون مھيا ڪيون وڃن، جيئن پورھيت بہ محفوظ رھي سگھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
اپوزیشن جماعتوں کا حکومت مخالف اتحاد کو مزید وسعت دینے کا فیصلہ
21st Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
22فيبروري, اسڪائوٽن جو عالمي ڏينهن
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
حکومتِ سندھ اور آکسفورڈ پاکستان پروگرام کی جانب سے سندھ کے طلباء کے لئے آکسفورڈ یونیورسٹی میں گریجویٹ اسکالرشپس کا اعلان
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
چیف جسٹس سے تحریک انصاف کے وفد کی ایک گھنٹے طویل ملاقات
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
پاڪستان اسٽيل ملز مان وڌيڪ 22سئو ملازمن کي برطرف ڪرڻ لاءِ ليٽر تيار
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: غلام الله ويجهو پير جو ڳوٺ ۾ 52 جوڙن جون اجتماعي شاديون ڪرايون ويون
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڪشمور: جسقم پاران سنڌ پنجاب دنگ ڊيرا موڙ وٽ صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو، ڪئنال منصوبو سنڌ جي تباهي جو منصوبو قرار
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي: جسقم جي پيادل مارچ ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن، عورتن توڙي معصوم ٻارڙن جي به شرڪت، سنڌ دشمن منصوبا رد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ريلوي اسٽيشن ميٽينگ
ٺٽو
0 تبصرے