English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پٿورو ويجهو قائم ٽول پلازه خلاف رهواسي روڊن تي نڪري آيا، ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي ڌرڻو
views
|
30th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
غير قانوني ٽول پلازه قبول ناهي، ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ سنگل ۽ نامڪمل آهي، ٽيڪس غير قانوني آهي: مظاهرين
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پٿورو لڳ عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي قائم غيرقانوني ٽول پلازه خلاف سوين ماڻھن جو ميرپورخاص عمرڪوٽ مين روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو مظاھرين پاران مين روڊ تي ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ، پوليس جي نفري وڏي تعداد ۾ ڌرڻي واري ھنڌ پھتل ٻي پاسي روڊ بند ھجڻ ڪري روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳل رھيون ڌرڻي ۾ شريڪ وڪيل برادري جي مير محمد نھڙي جان محمد نھڙي لياقت سھتو سميت شھرين ظفر محمود ڀٽي نواز ھنگورو واجد لغاري منظور بلوچ اڳواڻن جون ڌرڻي ۾ پھتل نيشنل ھاء وي اٿارٽي جي ٺيڪيدار سان ڳالھيون ڪيون جيڪي ھڪ ڏينھن لاء قبولي ورتيون ان دوران ٽول انتظاميا پاران اھو چيو ويو ته سڀاڻ اسان جا آفيسر پھچندا وڌيڪ گالھيون سڀاڻ ڪيون وينديون في الحال ڏينھن ڇوٽ ڏني وئي آھي جنھن ۾ سڀاڻ جمعي جي ڏينھن ٽي بجي تائين ڪارن سميت ننڍين گاڏين کان ڪنھن به قسم جو ٽول وصول نه ڪيو ويندو سڀاڻ ٽي بجي دوباره ڳالھيون ڪيون وينديون ان دوران ڌرڻي ۾ علائقي واسين ھڪ ئي مطالبو رکيو آھي ته ٽول ڪنھن به قسم تي نه لڳائيو ويندو سنگل روڊ ھجڻ ڪري ٽول قبول ناھي .مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ آھي ته ميرپورخاص عمرڪوٽ سنگل ۽ نامڪمل ھجڻ باوجود ٽول ٽيڪس غير قانوني آھي ھن کي فل فور ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو ڌرڻو ڪاميٽي ٽول ٽيڪس وارن ۾ سڀاڻي ڊي سي آفيس ۾ 3 بجي گڏجاڻي رکي وئي آهي ان ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته ٽيڪس ورتو وڃي يا نه.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
لودھراں عوام ایکسپریس کو حادثہ، ایک مسافر جاں بحق، 20 سے زائد زخمی۔
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
ڈان نیوز کراچی کے رپورٹر خاور حسین کی لاش سانگھڑ میں گاڑی سے برآمد
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
بوزداروڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ صبڙ خان رند واسڻ ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ريڙهي ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪِري پيو
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
پٿورو
مظاهرين
ٽول پلازه
0 تبصرے