ان موقعي تي جان عالم ڄاموٽ، يوسي چيئرمين عمران يوسفزئي، فريد بلوچ به موجود هئا
ملير (رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي ملير پي ايس 87 ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، سٽي ايريا جي صدر جان عالم ڄاموٽ، يوسي چيئرمين عمران يوسف زئي، فريد بلوچ پاران يوسي چشمه ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪمن جو افتتاح ڪيو، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ملير پي ايس 87 ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ يوسي چشمه ڳوٺ علي بروهي ڳوٺ جي روڊ ڪارپيٽ جو افتتاح ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي، انشاالله هر ڳوٺ ۽ گهٽي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن ۽ ڪندا رهنداسين، جان عالم ڄاموٽ چيو ته اسان جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، يوسي چشمه ڳوٺ جي عوام ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ ۽ جان عالم ڄاموٽ علي بروهي ڳوٺ ۾ پهچڻ تي گل نڇاور ڪري اجرڪون پارايون ويون، ان موقعي تي نعيم لاشاري، لطيف خان، نديم بلوچ، نور حبيب خان، محبوب خاصخيلي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.
0 تبصرے