English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ صحافي تي تشدد ڪرڻ تان معطل ٿيل ايس آءِ اصغر ابڙو ٻيهر بحال، صحافين ۾ تاءُ پکڙيل
50 views
|
03rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي ايس پي ارشاد گبول انڪوائري ۾ اصغر ابڙو کي بحال ڪري ڇڏيو، صحافين پاران انصاف نه ٿيڻ تي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻي جو چتاءُ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ صحافي تي تشدد ۾ ملوث معطل پوليس آفيسر اصغر ابڙو بحال، قلم ڌڻين پاران ايس ايس پي انويسٽيگيشن ملير جي آفيس اڳيان احتجاج اعلان، تفصيل موجب: ملير ۾ مهينو اڳ صحافي شهزادو مستوئي کي شاھ لطيف ٽائون ٿاڻي اڳيان رپورٽنگ دوران انويسٽيگيشن جي سب انسپيڪٽر اصغر ابڙو تشدد جو نشانو بڻائي کيس ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو اطلاع تي صحافي وڏي انگ ۾ شاه لطيف ٿاڻي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو هو صحافين جي احتجاج جو ايس ايس پي انويسٽيگيشن ملير سليم شاهه نوٽس وٺندي کيس معطل ڪري ضلعي بدر ڪرڻ جي خاطري بعد ڊي ايس پي ارشاد گبول کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو هو پر هڪ مهينو گذرڻ باوجود واقعي جي ڪابه انڪوائري نه ٿي سگهي. ان بعد ڊي ايس پي ارشاد گبول پنهنجي پٽي ڀائي کي انڪوائري مان آجو قرار ڏئي کيس بحال ڪري ڇڏيو پوليس جي اهڙي عمل خلاف صحافين ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر، سينيئر صحافي وحيد مراد سيال، ربنواز مستوئي افتخار علي نوري، نواز سرگاڻي، نعت ﷲ مغيري، مشتاق گبول، سليمان شاهه، ٻين جو چوڻ هو ته اسان کي انڪوائري جي آسري ۾ رکي معطل ڪيل اصغر ابڙي کي بحال ڪري صحافين سان سراسر زيادتي ڪئي وئي آهي هنن چيو ته تشدد ۾ ملوث سب انسپيڪٽر اصغر ابڙي کي فوري طور تي معطل ڪري سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسر کان انڪوائري ڪرائي صحافي شهزادو مستوئي سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن ملير جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻڻ تي مجبور ٿي پونداسين،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
0 تبصرے