معاهدي تي جستجو فاؤنڊيشن جي چيئرپرسن صدف وڑائچ ۽ ايڪٽوو وومين فاؤنڊيشن جي چيئرپرسن نازش فاطمه صحيحون ڪيون
حيدرآباد (بيورو) سماجي ڀلائي جي ميدان ۾ هڪ اهم اڳڀرائي طور، جستجو فاؤنڊيشن ۽ ايڪٽوو وومين فاؤنڊيشن گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ باقاعدي لکت ۾ معاهدو ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب، هي معاهدو حيدرآباد جي تاريخي منشي هائوس تي ٿيل هڪ گڏجاڻي دوران طئي ڪيو ويو، جتي ٻنهي تنظيمن جي اهم نمائندن شرڪت ڪئي.
معاهدي تي جستجو فاؤنڊيشن جي چيئرپرسن صدف وڑائچ ۽ ايڪٽوو وومين فاؤنڊيشن جي چيئرپرسن نازش فاطمه صحيحون ڪيون. تقريب ۾ جستجو فاؤنڊيشن جي سي او او بهزاد بشير ميمڻ، عبدالوهاب منشي، عبدالغفور سروهي ۽ ايڪٽوو وومين فاؤنڊيشن جي ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي.
تقريب دوران ٻنهي تنظيمن جي اڳواڻن پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته هي معاهدو سماجي ڀلائي جي ميدان ۾ هڪ نئين باب جو آغاز ثابت ٿيندو، جنهن تحت تعليم، صحت، ۽ عورتن جي ڀلائي لاءِ گڏيل منصوبا شروع ڪيا ويندا.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ منشي هائوس تي ٻنهي تنظيمن وچ ۾ تعاون تي اصولي اتفاق ٿيو هو، جنهن تي اڳتي وڌندي اڄ عملي قدم کنيو ويو.
تقريب جي آخر ۾، صدف وڑائچ ۽ نازش فاطمه گڏيل تعاون تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي ان عزم کي ورجايو ته سندن گڏيل ڪوششون سڄي ملڪ ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪنديون.
0 تبصرے