English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سمورا منصوبا مقرر وقت اندر اعليٰ معيار سان مڪمل ڪيا وڃن: ڪميل حيدر شاهه
7 views
|
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
چيئرمين ضلعي ڪائونسل سيد ڪميل حيدر شاهه لاڳاپيل آفيسرن کان منصوبي بابت بريفنگ ورتي ۽ تعميراتي معيار جو معائنو ڪيو
روهڙي (رپورٽر) سکر ۽ روهڙي کي سنڌ جو اهم سياحتي مرڪز (ٽوئرزم هب) بڻايو ويندو، ايندڙ ٻن کان ٽن سالن دوران ٻنهي شهرن جي ترقي، خوبصورتي ۽ بنيادي ڍانچي ۾ نمايان تبديلي نظر ايندي روهڙي جي ترقي جو نئون باب، سکر بئراج کان ٻيڙي چوڪ تائين ڊبل روڊ منصوبو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه ترقياتي منصوبن جو دورو ڪندي جاري ڪمن جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سمورا منصوبا مقرر وقت اندر اعليٰ معيار سان مڪمل ڪيا وڃن تفصيل موجب: روهڙي ۾ سکر بئراج کان ٻيڙي چوڪ تائين تعمير هيٺ ڊبل روڊ منصوبي جو تفصيلي جائزو وٺندي چيئرمين ضلعي ڪائونسل سيد ڪميل حيدر شاهه لاڳاپيل آفيسرن کان منصوبي بابت بريفنگ ورتي ۽ تعميراتي معيار جو معائنو ڪيو هن زور ڀريو ته منصوبو مقرر مدي اندر مڪمل ڪري عوام لاءِ کوليو وڃي بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ڪميل حيدر شاهه چيو ته روهڙي ۽ سکر ۾ لوڪل گورنمينٽ تحت جاري ترقياتي منصوبن جو مقصد شهرين کي جديد سفري، تفريحي، راندين ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي هن چيو ته ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ ٻنهي شهرن جي ترقي ۽ خوبصورتي ۾ نمايان تبديلي ايندي ۽ روهڙي جي مرڪزي شاهراهه کي ڊبل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت هئي، ڇاڪاڻ تہ هن رستي تان روزانو هزارين گاڏيون گذرن ٿيون هن ٻڌايو ته منصوبي ۾ دير جو سبب وچ تي موجود وڻ، تجاوزات ۽ ٻيون فني رڪاوٽون هيون، پر اهي مسئلا حل ٿيڻ کانپوءِ هاڻي منصوبو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ جلد عوام لاءِ کوليو ويندو سيد ڪميل حيدر شاھ چيو ته ضلعي ڪائونسل رڳو شهري علائقن نه پر ٻهراڙي وارن علائقن جي ترقي لاءِ به هڪجهڙي نموني ڪم ڪري رهي آهي، جيئن هر علائقي جي رهواسين کي بنيادي سهولتون ملي سگهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته روهڙي ۾ سيد ناصر حسين شاهه اسپورٽس اڪيڊمي تي تيزي سان ڪم جاري آهي، جيڪا ايندڙ ڇهن مهينن اندر مڪمل ڪئي ويندي. اڪيڊمي ۾ ڪرڪيٽ سميت مختلف راندين لاءِ جديد تربيت جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن نوجوانن جي صلاحيتن کي هٿي ملي سيد ڪميل حيدر شاهه ٻڌايو ته درياءِ سنڌ جي ڪناري سکر ڪلب نالي جديد فيملي ڪلب پڻ قائم ڪيو پيو وڃي، جتي خاندانن لاءِ تفريحي سرگرميون، واڪنگ ٽريڪ، اوپن ايئر ريڪريئيشن ۽ ٻيون جديد سهولتون موجود هونديون هن چيو ته سکر ۽ روهڙي ۾ وڌيڪ جديد ڪلب به قائم ڪيا ويندا هن چيو ته روهڙي لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽ جو ميگا منصوبو به مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ انشاءَالله سيپٽمبر ۾ ان کي فعال ڪيو ويندو، جنهن سان شهر جي اڪثر علائقن کي صاف ۽ مفت پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي فراهمي واري نظام کي وڌيڪ وسيع ڪيو پيو وڃي سيد ڪميل حيدر شاهه ٻڌايو ته سکر ۽ روهڙي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي لڳ ڀڳ هڪ ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، جن ۾ روڊن جي تعمير، صاف پاڻي، راندين جون سهولتون، تفريحي مرڪز ۽ ٻين عوامي ڀلائي وارن منصوبن کي شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سندن ويزن سکر ۽ روهڙي کي سنڌ جو اهم سياحتي مرڪز بڻائڻ آهي، جتي نه رڳو مقامي شهري پر سڄي ملڪ مان ايندڙ سياحن کي به بهترين سهولتون ميسر ٿين هن وڌيڪ چيو ته ترقياتي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ٻنهي شهرن جو انفراسٽرڪچر مضبوط ٿيندو ۽ معاشي توڙي سياحتي سرگرمين کي هٿي ملندي تعميري تنقيد بابت ڳالهائيندي سيد ڪميل حيدر شاهه چيو ته مثبت ۽ تعميري تنقيد هميشه ڀليڪار آهي، ڇاڪاڻ تہ ان سان ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي آهي، جڏهن تہ بيجا تنقيد ترقياتي عمل کي متاثر ڪري ٿي آزاد ڪشمير جي تازي چونڊن بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو چونڊ نتيجن سان مطمئن ناهن ۽ نتيجن ۾ غيرضروري دير ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت کي چونڊن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي ها، جيڪڏهن چونڊون صاف ۽ شفاف ٿين ها ته پاڪستان پيپلز پارٽي نتيجن کي قبول به ڪري ها ۽ وڌيڪ بهتر ڪاميابي حاصل ڪري ها. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تي عمل ڪندي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي دوري دوران چيئرمين ضلعي ڪائونسل سيد ڪميل حيدر شاهه لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سمورا ترقياتي منصوبا اعليٰ معيار سان مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن، جيئن روهڙي جي عوام کي جلد جديد سفري، تفريحي، راندين ۽ بنيادي سهولتون ملي سگهن ان موقعي تي پ پ روھڙي سٽي انفارميشن سيڪريٽري عرفان علي دائود پوٽو، اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي مرتضيٰ گهانگهرو،روھڙي يونين آف جرنلسٽس جو صدر عثمان گھنڃو مقامي صحافي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ 2 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سمورا منصوبا مقرر وقت اندر اعليٰ معيار سان
0 تبصرے