ميرپوربٺورو ۾ سيال ۽ زنئور برادري ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ، 3 زخمي، شهربند، ڌرڻو

ڪار سوار هٿياربندن جي کورواهه اسٽاپ تي زنئور برادري جي ماڻهن مٿان فائرنگ، اميربخش ملاح، اسماعيل زئور ۽ بشير سيال زخمي

ميرپوربٺورو ۾ سيال ۽ زنئور برادري ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ، 3 زخمي، شهربند، ڌرڻو

سجاول (رپورٽر) ميرپوربٺورو شهر ۾ زئور ۽ سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب اسماعيل زئور ۽ واٽهڙو امير بخش ملاح زخمي ٿي پيا آهن ان حوالي سان زخمي اسماعيل زئور ۽ سندن وارثن جو چوڻ هو ته سيال برادري جي ماڻهن ڪار ۾ اچي کورواهه اسٽاپ تي سندن دڪانن تي سرعام فائرنگ ڪري زخمي ڪيو آهي انهن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ سرعام فائرنگ ڪري وڏي دهشتگردي ڪئي ويئي آهي، ھوڏانھن زئور برادري جي ماڻهن منور علي زئور، مٺو زئور، شاهين زئور، اڪمل زئور جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ زئور برادري جي ماڻهن ۽ شهرين شهر ۾ ڪاروباري مرڪز بند ڪرائي شهر جي مين اسٽاپ تي سجاول، حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، ڌرڻو هڻندڙ زئور برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ بشير سيال، نادر سيال سميت سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ساڻن انصاف نه ڪيو ويو ته سندن ڌرڻو جاري رهندو، ھوڏانھن سيال برادري جي هڪ ڄڻي بشير سيال جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن جيڪو اسپتال ۾ علاج لاءِ نه آيو هو ،ٻئي پاسي جهيڙي بعد وڏي تعداد ۾ زئور برادري جا ماڻهو ۽ شهري اسپتال ۾ گڏ ٿي ويا آهن جڏهن ته جهيڙي بعد شهر ۾ خوف ۽ دهشت پکڙيل آهي ھوڏانھن ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ شهر ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي ٻي طرف بٺورو پوليس جي ايس ايڇ او مير محمد گاڏھي سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته 6 ڄڻن خلاف بٺورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو