درگاهه شيخ عالي وٽ تيز رفتار ڪار، اي سي ڪوچ ۽ سوزوڪي سان ٽڪرائجي وئي
ٺٽو (شفيق ڀٽي) مڪلي بائي پاس روڊ لڳ درگاھ شيخ عالي وٽ ڪالهه صبح هڪ خطرناڪ ٽريفڪ حادثو پيش آيو. حادثو ان وقت ٿيو جڏهن ٽنڊو محمد خان جا رهواسي سوڪ ڪار ۾ وڃي رھيا ھئا تہ سندن ڪار ،ڊرائيور جي غلطي سبب ڪراچي لائين تي هلندڙ اي سي ڪوچ ۽ باگڙي قبيلي جي ماڻهن سان ڀريل سوزوڪي سان ٽڪرائجي وئي .حادثي جي نتيجي ۾ 10 کان 12 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن ۾ عورتون به شامل هيون. زخمين کي فوري طور تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم پهچي فرسٽ ايڊ فراهم ڪئي. ٻن عورتن، جن جون ٻانهون ٽٽي ويون هيون، کي وڌيڪ علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.حادثي سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پيدا ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ۽ امدادي ٽيمون صورتحال کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ لاءِ فوري طور واقعي واري هنڌ پهتيون. عوام پاران حادثن کي روڪڻ لاءِ بائي پاس روڊ تي حفاظتي قدمن جي گهر ڪئي وئي آهي.
0 تبصرے