English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: اسٽيل ٽائون ۽ گلشن حديد ۾ بجلي پاڻي ۽ گيس جي بندش جو پراڻو مسئلو حل نه ٿيو، رهواسي سراپا احتجاج
214 views
|
28th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
قومي شاھراھ تي ڌرڻي سبب روڊ بند ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڳالهين لاء آيل ايس پي ملير کي احتجاج ڪندڙن موٽائي ڇڏيو
ملير(عبدالرشيد مورجھريو)اسٽيل ٽائون ۽ گلشن حديد ۾ بجلي پاڻي ۽ گيس جي بندش جو پراڻو مسئلو حل نه ٿيو، مسلسل احتجاجن. ڌرڻن انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن سان ملاقاتن باوجود مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف هڪ ڀيرو ٻيھر رهواسي رستن تي نڪري آيا، قومي شاھراھ تي ڌرڻو،روڊ بند ٽريفڪ معطل،ڳالهين لاء آيل ايس پي ملير کي احتجاج ڪندڙن موٽائي ڇڏيو، انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا رڳو ڪوڙا دلاسا پيا ڏين پاڻي، بجلي ۽ گيس جي بندش سبب ٻار عورتون ۽ رهواسي ذهني اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا آهن مسئلا حل نه ٿيا ته احتجاج جاري رکنداسين تفصيل موجب اسٽيل ٽائون ۽ گلشن حديد ۾ بجلي پاڻي ۽ گيس جي بندش جو پراڻو مسئلو حل نه ٿي سگهيو مسلسل احتجاجن، ڌرڻن انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن سان ملاقاتن باوجود مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف هڪ ڀيرو ٻيھر رهواسي رستن تي نڪري آيا جن قومي شاھراھ تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي اطلاع ملڻ تي ايس پي ملير سعيد رند، ڊي ايس پي آصف اعواڻ ايس ايچ او اسٽيل ٽائون عديل شاھ ڌرڻي ۾ پهچياحتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيو پر احتجاج ڪندڙن ڳالھين کان انڪار ڪندي کين موٽائي ڇڏيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن يوسي اسٽيل ٽائون جي چيئرمين غلام رضا جتوئي، ڌڻي بخش سمون ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسٽيل مل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا رڳو ڪوڙا دلاسا پيا ڏين پاڻي بجلي ۽ گيس جي بندش سبب ٻار عورتون ۽ رهواسي ذهني اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۡاسٽيل مل انتظاميا بجلي جا ڪوڙا ۽ ڳرا بل موڪلي رهي آھي هنن چيو ته 10لک آبادي واري علائقي کي پاڻي بجلي گيس کان محروم رکي سراسر ظلم ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته مسئلا حل نه ٿيا ته احتجاج جاري رکنداسين ٻئي طرف اسٽيل مل انتظاميا جو چوڻ آھي ته اسٽيل ٽائون جي ڪيترن ئي گهرن تي زوري قبضا ڪيا ويا آھن بي انتها گيس ۽ بجلي ٻاري پئي وڃي جنهن سلسلي ۾ بل جاري ڪيا ويا آھن رهواسي جيڪڏهن اسٽيل مل جي قانون ۽ ضابطن تي نه هلندا ته سندن خلاف قانون مطابق ڪاروائي ڪئي ويندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
لوڻي ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي پورھيتن جو احتجاجي مظاھرو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ناري کي مبينا قتل ڪرڻ بعد نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ بزرگ شاعر عالم شير گبول جي مانَ ۾ تقريب
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
جھرڪ ۾ ڪوئلي جي رائلٽي ۾ مسلسل واڌ خلاف واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
گلشن حديد
اسٽيل ٽائون
قومي شاھراھ
0 تبصرے