جر جو پاڻي خراب ٿيڻ سبب هيپاٽائٽس بي ۽ سي پکڙجي رهي هئي تنهن ڪري ڪئمپ هڻائي وئي: اڳواڻ
نوشهروفيروز(رپورٽر) يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت ۽ صادق فائونڊيشن جي گڏيل تعاون سان ڳوٺ کاھي ممن ۾ هڪ ڏينهن جي مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳرائي وئي جنھن ۾ علائقي جي سوين مريضن جو مفت چيڪ اپ ۽ ليبارٽريء جو ٽيسٽون ڪري دوائون ڏنيون ويون۔ ان موقعي تي ڪيمپ جي اڳواڻن ڊاڪٽر خادم حسين ميمڻ ـ منير احمد ميمڻ ـ اعجاز ممنائي۔ محمد علي ميمڻ۔ عرفان رضا ممنائي ـ صابر حسين ميمڻ ـ خالد حسين ميمڻ ۽ ٻين چيو ته هن علائقي ۾ مختلف موسمي بيماريون ڦهلجي رهيون هيون خاص طور جر جو پاڻي خراب ٿيڻ سبب هيپاٽائٽس بي ۽ سي پکڙجي رهي هئي تنهن ڪري هيء ڪئمپ لڳرائي وئي آهي ان ڪيمپ ۾ علائقي جي سوين مريضن فائدو ورتو آهي۔ اڳواڻن چيو ته اسانجي سماجي تنظيم وقت بوقت پنهنجي مدد پاڻ تحت اهڙيون ڪئمپون لڳائي غريب مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪري دوائون پڻ ڏيندي رهي آهي ۽ اهو سلسلو اڳتي به جاري رهندو۔ اڳواڻن چيو ته 7- 8 ۽ 9 فيبروري تي هن ئي ڳوٺ ۾ مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي ويندي جنهن ۾ فيڪو مشين ذريعي آپريشن ڪيا ويندا انڪري عوام کي وڌ کان وڌ فائدو وٺڻ اپيل ڪجي ٿي ـ
0 تبصرے