English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد
231 views
|
26th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
چولستان جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لا۽ سنڌو درياھ مان غير قانوني طور 6 ڪينال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ لاءِ تباهي آهي: اڳواڻ
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) سنڌو تي ڌاڙو ۽ 6 ڪينال فوري رد ڪرڻ توڙي سنڌ جي زمينن جا سودا ڪرڻ ۽ ڪرپشن خلاف سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران جيم خانہ ٺٽو ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي، ڪانفرنس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي زينت سمون، نصرت خاصخيلي، ناھيد جوڳي، رفيہ پليجو، سنڌياڻي تحرڪ جي مظھر راھوجو، اشرف پليجو، ياسر جاکرو، ممتاز شيخ، حبيب اللہ پليجو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سيد جلال شاھ، پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيد امجد شاھ،جئي سنڌ قومي محاذ جي اياز شاھ، جئي سنڌ محاذ جي امجد شورو، پ پ شھيد ڀٽو جي پير بخش سمون، وڪيل اڳواڻ گل بيبي شاھ، پاڪستان ڪميونسٽ جي ڊاڪٽر ولي محمد جاکرو، پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو، عوامي ھيومن رائٽس فورم جي بلاول سمون، عورت اڳواڻ وقار النسا ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مقررن خطاب ڪندي چيو تہ چولستان جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لا۽ سنڌو درياھ مان غير قانوني طور 6 ڪينال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي جيڪو ڪنھن بہ صورت ۾ قبول ناھي ڏيڍ صدي کان مسلسل سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن ۽ چوري ٿيل پاڻي جي منصفاڻي تحقيقات ٿيڻ گھرجي، ھنن وڌيڪ چيو تہ ارسا ايڪٽ 1992 ۾ صدارتي آرڊيننس وسيلي ڪيل ترميم 1973 واري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 154 ۽ 155 جي سنگين خلاف ورزي آھي، ڪوٽڙي کان ھيٺ سمنڊ ۾ پاڻي نہ ڇڏڻ سبب ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي ضلعي جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي رھيو آھي مٿان وري اھڙا منصوبا اڏڻ مطلب سڄي سنڏ کي بنجر بنائڻ جي سازش آھي ان سازش خلاف سڄي سنڏ ھڪ پيج تي آھي ھر محاذ تي جھدوجھد جاري رھندي جيستائين قاتل منصوبا رد نٿا ٿين،ھنن وڌيڪ چيو تہ سنڌ جي تھذيبي، ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن مڪانن تي قبضا ڪري کين تباھ ڪيو پيو وڃي ڪارونجھر، گورڪ، کير ٿر، ڪينجھر، منڇر، ھاليجي گنجي ٽڪر، نيشنل پارڪ، ڀنڀور، مومل ماڙي سميت تايخي ماڳن تي قبضا ڪيا پيا وڃن تاريخ ميساري سنڌ تي حملو ڪيو پيو وڃي سنڌ تباھ ڪري پنجاب آباد ڪرڻ ڪٿي جو انصاف آھي، ھنن وڌيڪ چيو تہ ھڪ طرف پاڻي تي ڌاڙو پيو لڳي تہ وري سنڌ ۾ اغوا انڊسٽري ۽ قبائيلي جرڳن کي ھٿي ڏيئي اٍتر سنڌ جي سمورن ضلعن کي ڌاڙيل اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏي آھي ۽ لاڙ جي ضلعن ۾ بدامني ۽ لاقانونيٽ جو راڄ قائم آھي سنڌ کي ھڪ ڀيرو وري موھن جو ڌڙو بنايو پيو وڃي، سنڌ جي پُر امن ماڻھن کي پاليل ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
لوڻي ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي پورھيتن جو احتجاجي مظاھرو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ناري کي مبينا قتل ڪرڻ بعد نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ بزرگ شاعر عالم شير گبول جي مانَ ۾ تقريب
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
جھرڪ ۾ ڪوئلي جي رائلٽي ۾ مسلسل واڌ خلاف واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
چولستان
ڪانفرنس ۾ سنڌو
سنڌياڻي تحريڪ
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے