English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌياڻي تحريڪ پاران مورو ۾ تربيتي ڪلاس، وڏي انگ ۾ سنڌياڻين جي شرڪت
224 views
|
26th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌياڻي تحريڪ سنڌي سماج ۾ خاموش انقلاب آندو آھي، جدوجھد ۾ اھڙو ڪردار ادا ڪيو آھي: بختاور ملاح ۽ ٻيون
نوشهروفيروز(ڊر) سنڌياڻي تحريڪ ضلع نوشهروفيروز پاران تربيتي ڪلاس مورو ۾ ٿيو. جنھن ۾ سنڌياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. سنڌياڻي تحريڪ جي تاريخ تي ليڪچر ڏيندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ بختاور ملاح چيو ته سنڌياڻي تحريڪ سنڌي سماج ۾ خاموش انقلاب آندو آھي. جدوجھد ۾ اھڙو ڪردار ادا ڪيو آھي. اسان لکين سنڌياڻين کي شامل ڪري سنڌو دريا کي بچائي سگھون ٿا. سنڌياڻي تحريڪ ھر سماجي بيمارين خلاف ديوار بڻيل آھي. تعليم جي موضوع تي خوشبوءِ ڪيڙانو ليڪچر ڏيندي چيو ته نصابي تعليم اڌوري آھي. اصل تعليم سياسي تربيت آھي. پنھنجي نياڻين کي سياسي تربيت ۽ تعليم ڏجي ته اھا سموري گھر ڀاتين کان وٺي ڳوٺ ۽ شھر جو ڀرجھلو ٿي پونديون. لطيف جي جدوجھد جا سبق تي ليڪچر ڏيندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي رابطه سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاھري چيو ته لطيف جي شاعري مظلومن لاءِ وڏي سگھ آھي. لطيف سموري حياتي جدوجھد جو سبق ڏنو آھي. لطيف سڌڙين تي تنقيد ڪري قرباني جي ڳالھ ڪري ٿو. تربيتي ڪلاس ۾ سجاڳ ٻارڙين ٽيبلو، شاعري ۽ گيت پيش ڪيا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
لوڻي ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي پورھيتن جو احتجاجي مظاھرو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ناري کي مبينا قتل ڪرڻ بعد نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ بزرگ شاعر عالم شير گبول جي مانَ ۾ تقريب
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
جھرڪ ۾ ڪوئلي جي رائلٽي ۾ مسلسل واڌ خلاف واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌياڻي تحريڪ
نوشهروفيروز
0 تبصرے