بسم الله بلڊر نصرت چغتائي جا ماڻهو ڪافي عرصي کان اسان کي تنگ ڪري رهيا آهن: مظاهرين جو الزام
ڪراچي (اعجاز چانڊيو)ڪراچي اسڪيم 33 ۾ بسم الله پروجيڪٽ جي بلڊر نصرت چغتائي جون المسلم ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي فيز ٽو جي رھواسين سان ناانصافيون وڌي ويون. ان خلاف رھواسين طارق مجتبي. سليم گهانچي. اعجاز. نادر خان. حسنين عالم. نعيم الله. ارتضي خان. اقبال گهانچي ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ھنن چيو ته پهرين اسان جي سوسائٽي جا وڻ وڍي. ديوارون ٽوڙيون ويون. امام بارگاهه جي مک دروازي تي قبضو ڪيو ويو. هاڻي بلڊر مافيا وارا ڪي اليڪٽرڪ جو ڪم غيرقانوني ۽ جعلي اين او سي جي زور تي ڪرائڻ چاهين ٿا. ھنن وڌيڪ چيو ته بسم الله بلڊر نصرت چغتائي جا ماڻهو ڪافي عرصي کان اسان کي تنگ ڪري رهيا آھن. هنن غيرقانوني طور اسان جي سوسائٽيءَ جي ڀت کي ٽوڙي ڇڏي ۽ هاڻي اهي غيرقانوني ۽ جعلي NOC ڏيکاري سوسائٽي جي مين روڊ کي کوٽرائڻ چاھين ٿا جنھن کي ڪنھن به صورت ۾ روڊ ڪٽڻ جي اجازت نه ڏينداسين. جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه وارا به اسان کي تمام گهڻو پريشان ڪري رهيا آھن. ھر ھفتي ۽ ھر مھيني بجلي وارا اچي اسان کي مجبور ڪن ٿا ته بلڊر کي روڊ ڪٽڻ جي اجازت ڏيو. هنن چيو ته اسان جي سوسائٽي هڪ پرائيويٽ سوسائٽي آهي جيڪا ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي کاتي جي ماتحت ڪم ڪري ٿي جنهن تي ڊي سي ۽ يونين ڪائونسل کي ڪو به اختيار نه آهي ته هو روڊ کوٽرائن. اسان هن عمل کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. اسان چاهيون ٿا ته فوري طور ڪي اليڪٽرڪ جو ھلندڙ غير قانوني ڪم کي بند ڪيو وڃي، اسان جو اڳ به ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، جنهن تي اسان خاموش آهيون، پر بلڊر جا ماڻهو بار بار اسان کي تنگ ڪري رهيا آهن، ڪڏهن بلڊر نصرت چغتائي جا ماڻھو اسان جي مک دروازن اڳيان بيهي رهن ٿا ته ڪڏھن وري جعلي اين او سي کڻي ڪي اليڪٽرڪ وارا پھچن ٿا ڪڏھن وري پوليس اهلڪارن سان گڏجي اسانکي حراسان ڪري رھيا آھن اسان جا ٻارڙا خوف مان گھرن کان ٻاھر نٿا نڪري سگھن انتظاميه کي اپيل آھي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ھلندڙ غير قانوني ڪم کي بند ڪرايو وڃي.
0 تبصرے