محمد يوسف وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير سان گڏ نارٿ ڪراچي سيڪٽر اي 11 جو دورو ڪيو
ڪراچي (اعجاز چانڊيو)ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي چونڊيل نمائندن جي ڪوششن سان نيو ڪراچي ٽائون ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن.نيو ڪراچي ٽائون جي چيئرمين محمد يوسف وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير سان گڏ نارٿ ڪراچي سيڪٽر 11-A جو دورو ڪيو. ان موقعي تي يوسي 12 جي چيئرمين عظيم انور، ميمبر يونين ڪميٽي، ڪوآرڊينيٽر چيئرمين حنظله انور قريشي، سوئي سدرن گئس ڪمپني جا آفيسر ۽ ٻيا ٽائون آفيسر پڻ موجود هئا، جڏهن ته چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف سيڪٽر 11-A ۾ سوئي سدرن گيس جي ھلندڙ ڪمن جو جائزو ورتو هن لاڳاپيل عملدارن کي گئس لائينون لڳائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اندرين گهٽين ۾ کوٽائي دوران عوام جي پاڻي ۽ سيوريج جي ڪنيڪشنن کي خراب ڪرڻ کان سواءِ گئس جون لائينون وڇائڻ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن ته جيئن ڪيترن ئي علائقن ۾ گئس جون لائينون تبديل ٿيڻ سبب عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي. هن چيو ته نيو ڪراچي ٽائون ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان گيس جون لائينون تبديل ٿيڻ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي ۽ سيوريج جون لائينون متاثر ٿي رهيون آهن جنھن ڪري عوام جي مشڪلاتون وڌي رھيون آھن. جنھن ڪري جماعت اسلامي جا جا چونڊيل نمائنده ضرورت مطابق کوٽائي جي عمل جي نگراني ڪري رھيا آھن. جتي ضرورت موجب مرمتي ڪم به ڪرائي رھيا آھن. هن چيو ته اسان خدمت جي جذبي سان نيو ڪراچي ٽائون جا مسئلا حل ڪري رهيا آهيون، چيئرمين وڌيڪ چيو ته نيو ڪراچي ٽائون ۾ ترقياتي ڪمن سان گڏوگڏ عوام کي خوشگوار ماحول فراهم ڪرڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي نيو ڪراچي ٽائون کي بلدياتي مسئلن کان پاڪ ۽ ھڪ خوبصورت ٽائون ۾ شمار ٿيندو
0 تبصرے